اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) هيڊڪوارٽرز ۾ پاڪستان جي 79 هين يوم آزادي جي موقعي تي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، بي آءِ ايس پي جي آفيسرن، ملازمن، بي آءِ ايس پي سان لاڳاپيل خاندانن ۽ بينظير تعليمي وظيفا پروگرام مان فائدو کڻندڙ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي …
بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز ۾ پاڪستان جي 79 هين يوم آزادي جي موقعي تي شاندار تقريب منعقد
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) هيڊڪوارٽرز ۾ پاڪستان جي 79 هين يوم آزادي جي موقعي تي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد، بي آءِ ايس پي جي آفيسرن، ملازمن، بي آءِ ايس پي سان لاڳاپيل خاندانن ۽ بينظير تعليمي وظيفا پروگرام مان فائدو کڻندڙ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات سينيٽر روبينه خالد بي آءِ ايس پي هيڊڪوارٽرز جي اڱڻ ۾ ٻوٽو لڳائي سرسبز پاڪستان، بينظير پاڪستان وڻڪاري مهم سان ڪئي. بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد بينظير تعليمي وظيفا پروگرام مان فائدو کڻندڙ ٻارن سان گڏ يوم آزادي جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ ان موقعي تي ٻارن ۾ تحفا به ورهايا ويا. تقريب دوران سوات ۾ گذريل سال ٻوڏ دوران خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل عملي ۽ رضاڪارن کي سندن بي لوث خدمتن جي اعتراف ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويو. سينيٽر روبينه خالد چيو ته مشڪل جي هر گهڙي ۾ انسانيت جي خدمت ڪندڙ اهي ماڻهو سڄي قوم جو هيرو آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن شيءَ جي کوٽ ناهي، الله تعاليٰ هن ملڪ کي بي شمار وسيلن سان نوازيو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان اجتماعي سوچ، خود احتسابي ۽ قومي خدمت جي جذبي سان اڳتي وڌون. پنهنجي خطاب ۾ هن پاڪ فوج کي خراج تحسين پيس ڪندي چيو ته وطن جي دفاع ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ سندن خدمتون سڄي قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن. تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي وئي.












