اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته پينشن ڪا رعايت، خيرات يا رياست طرفان عطيو ناهي پر رٽائرڊ ملازمن لاءِ اها پينشن هڪ محفوظ، فائدو ڏيندڙ قانوني ۽ بنيادي حق آهي جنهن کي بنا جواز روڪڻ آئيني انصاف سان کيڏڻ برابر آهي. عدالت سرڪاري ملازمن جي بيوه کي پينشن سميت سموريون ادائيگون فوري جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس امين الدين خان …
رٽائرڊ ملازمن لاءِ پينشن محفوظ، فائدو ڏيندڙ قانوني ۽ بنيادي حق آهي: وفاقي آئيني عدالت
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو آهي ته پينشن ڪا رعايت، خيرات يا رياست طرفان عطيو ناهي پر رٽائرڊ ملازمن لاءِ اها پينشن هڪ محفوظ، فائدو ڏيندڙ قانوني ۽ بنيادي حق آهي جنهن کي بنا جواز روڪڻ آئيني انصاف سان کيڏڻ برابر آهي. عدالت سرڪاري ملازمن جي بيوه کي پينشن سميت سموريون ادائيگون فوري جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس سيد ارشد حسين شاهه تي ٻَڌل وفاقي آئيني عدالت جي بينچ بشير حسين مرحوم جي بيوه عابده پروين طرفان داخل ڪيل اپيل منظور ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ ايبٽ آباد بينچ جو 3 نومبر 2022ع جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس سيد ارشد حسين شاهه طرفان لکت واري تفصيلي ۾ چيو ويو آهي ته بشير حسين ميونسپل ايڊمنسٽريشن ايبٽ آباد ۾ فائر مين طور تي ڀرتي ٿيو هو، جڏهن ته مقرريءَ وقت سندس عمر مقرر حد کان 6 سال وڌيڪ هئڻ باوجود ڄاڻايل اٿارٽيءَ سندس عمر ۾ 6 سالن جي رعايت منظور ڪئي هئي. فيصلي موجب بشير حسين 6 نومبر 2020ع تي رٽائرڊ ٿيو ۽ سندس پينشن لاءِ گهربل سروس ۾ 10 مهينا 25 ڏينهن جي گهٽتائي هئي. ڄاڻايل اٿارٽي سول سروس ريگيوليشنز 423(2) تحت سندس عمر جي گهٽتائيءَ کي باقاعده طور تي معاف ڪندي پينشن جي فائدن جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي، جڏهن ته ان باوجود پينشن جاري نه ڪئي وئي. عدالت قرار ڏنو ته لوڪل ڪائونسل بورڊ ڪي پي ڪي حڪومت جا پينشن رولز اختيار ڪري رکيا آهن جڏهن ته لاڳاپيل رڪارڊ مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته مرحوم ملازم جي سروس تسلي بخش ۽ تعريف جوڳي هئي. کيس بهترين ڪارڪردگي جو سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيو ويو هو. فيصلي ۾ چيو ويو ته ڄاڻايل اٿارٽي طرفان ڪواليفائنگ سروس ۾ گهٽتائيءَ کي قانوني طور تي معاف ڪرڻ کانپوءِ پينشن روڪڻ جو ڪو قانوني جواز موجود نه هو. سمورا گهربل شرط پورا هئڻ باوجود پينشن ۽ ٻيا رٽائرمينٽ جا فائدا روڪڻ قانون ۽ پينشن جي حقن بابت طئي ٿيل اصولن جي ابتڙ آهن. وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو ته اعليٰ عدليه جي ڪيترن ئي فيصلن موجب پينشن ملازم جي ڪا رعايت، استحقاق يا خيرات نه پر سندس قانوني طور تي سندس قانوني حق آهي. پينشن سماجي تحفظ جي هڪ شڪل آهي جيڪا رٽائرمينٽ کانپوءِ ملازم جي زندگي، عزت ۽ روزگار جي تحفظ لاءِ فراهم ڪئي ويندي آهي. عدالت قرار ڏنو ته قانون موجب پينشن جو حق پيدا ٿيڻ کانپوءِ کيس انتظامي ڪارروائيءَ ذريعي بنا جواز روڪڻ يا گهٽ نٿو ڪري سگهجي. پينشن جو حق زندگي، انساني وقار ۽ روزگار جي آئيني حقن سان ڳنڍيل آهي، ان لاءِ انتظامي عملدارن جي من ماني يا غير معقول ڪارروائيءَ ذريعي سندس حق کي ختم نٿو ڪري سگهجي. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن قانون يا قاعدي جون ٻه تشريحون ممڪن هجن ته اهڙي تشريح اختيار ڪرڻ گهرجي جيڪا سرڪاري ملازم جي حقن ۽ مفادن لاءِ وڌيڪ فائدمند هجي. عدالت پنهنجي تازي فيصلي جو حوالو ڏيندي قرار ڏنو ته پينشنري فائدا رٽائرڊ ملازمن لاءِ پينشن محفوظ، فائدو ڏيندڙ قانوني ۽ بنيادي حق آهي ۽ کيس ڄاڻايل عدالت جي حڪم کان سواءِ روڪي نٿو سگهجي. پينشن جي ادائگي ۾ غير ضروري، من ماني يا بنا جواز دير به قانون جي ڀڃڪڙي سان گڏوگڏ اعليٰ عدليه جي فيصلن جي اٿارٽيءَ کي مجروح ڪرڻ جي برابر ٿي سگهي ٿي. وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو ته پشاور هاءِ ڪورٽ ڪيس جي رڪارڊ تي موجود اهم مواد خاص ڪري ڪواليفائنگ سروس ۾ گهٽتائيءَ جي معافي ۽ سول سروس ريگيوليشنز 423 (2) (بي) لاڳو ڪرڻ جو درست جائزو ناهي ورتو ويو، ان لاءِ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار نٿو رهي سگهي. عدالت درخواست کي اپيل ۾ تبديل ڪندي منظور ڪري ورتو ۽ قرار ڏنو ته عابده پروين سمورن پينشنري فائدن جي قانوني طور تي حقدار آهي. عدالت حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پينشن، گريجوئيٽي، ڪميوٽيشن، بقايائن ۽ ٻيا سمورا لاڳاپيل رٽائرمينٽ فائدا، خاص ڪري قانون تحت وقتن بوقتن ملندڙ واڌ، سموري ضروري ڪارروائي مڪمل ڪري فوري طور تي جاري ڪيا وڃن.












