ايران ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي وفد جو پي سي بي هيڊڪوارٽرز ۽ قذافي اسٽيڊيم جو دورو

لاهور-13 آگسٽ (اي پي پي)ايران ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي وفد لاهور ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) هيڊڪوارٽرز ۽ قذافي اسٽيڊيم جو دورو ڪيو، جتي پي سي بي عملدارن سان ايران ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ۽ ترقي وٺرائڻ ۽ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڪرڪيٽ جي شعبي ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي اهم ڳالهه ٻولهه ٿي. ايران جي وفد پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد سيد ۽ …

لاهور-13 آگسٽ (اي پي پي)ايران ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي وفد لاهور ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) هيڊڪوارٽرز ۽ قذافي اسٽيڊيم جو دورو ڪيو، جتي پي سي بي عملدارن سان ايران ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ۽ ترقي وٺرائڻ ۽ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڪرڪيٽ جي شعبي ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي اهم ڳالهه ٻولهه ٿي. ايران جي وفد پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد سيد ۽ پاڪستان سپر ليگ  جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر سلمان نصير سان ملاقات ڪئي. پي سي بي ترجمان موجب ملاقات ۾ ايران ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ، قومي ۽ جونيئر ٽيمن جي ترقي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ جا رابطا مضبوط بڻائڻ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد قذافي اسٽيڊيم، ڪرڪيٽ ميوزيم ۽ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جو دورو به ڪيو، جتي ايراني وفد رانديگرن جي تربيت لاءِ دستياب سهولتن ۽ جديد تربيتي نظام جو جائزو ورتو. ملاقات دوران ايراني قومي ۽ جونيئر ڪرڪيٽ ٽيمن کي ڪوچنگ مدد فراهم ڪرڻ، پاڪستاني ڪوچز طرفان ايراني رانديگرن ۽ ٽيمن کي ڪوچنگ تجربو ۽ فني مهارت منتقل ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪوچنگ علم ۽ تجربن جي مٽاسٽا جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.  ٻنهي طرفان کان ڪرڪيٽ انفرا اسٽرڪچر جي ترقي ۾ تعاون سان گڏوگڏ ايراني ڪرڪيٽ لاءِ رانديگرن ۽ ڪرڪيٽ جي ساز ۽ سامان جي فراهمي ۾ مدد جا معاملا به غور هيٺ آيا. پي سي بي ۽ ايران ڪرڪيٽ بورڊ ايسوسيئيشن ڪرڪيٽ کي هٿي ۽ ترقي وٺرائڻ جي گڏيل مقصد تحت فني معلومات، ڪوچنگ تجربن ۽ مهارتن جي مٽاسٽا سميت گڏيل تعاون جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں