اسلام آباد _ 13 آگسٽ (اي پي پي ) آزاد ڪشمير جي سرڪاري اختيارين پاڪستان جي 79هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته جشن آزادي جي آمد تي معاشري جي هر طبقي طرفان پاڪستان سان گهري محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو پيو وڃي . آزاد ڪشمير جي سرڪاري اختيارين قوم جي نالي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته 14 آگسٽ 1947ع …
پاڪستان جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين: آزاد ڪشمير جي اختيارين جو پيغام
اسلام آباد _ 13 آگسٽ (اي پي پي ) آزاد ڪشمير جي سرڪاري اختيارين پاڪستان جي 79هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته جشن آزادي جي آمد تي معاشري جي هر طبقي طرفان پاڪستان سان گهري محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو پيو وڃي . آزاد ڪشمير جي سرڪاري اختيارين قوم جي نالي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته 14 آگسٽ 1947ع کين پنهنجي بزرگن جي عظيم قربانين جي ياد ڏياري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته اسان پاڪستان جي ترقي ، خوشحالي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. آزاد ڪشمير جي سرڪاري اختيارين چيو آهي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ ٿيل گڏيل دفاعي معاهدو ٽنهي ملڪن جي گڏيل اعتماد ، دفاعي سهڪار ۽ مسلمان امت جي اتحاد جي اهم علامت آهي. سرڪاري اختيارين چيو ته ڪشمير ۽ پاڪستان جو رشتو رڳو جاگرافيائي حدن تائين محدود ناهي پر اهو تاريخ ۽ گڏيل نظريات جو مضبوط ٻنڌڻ آهي . هن دعا ڪئي ته الله تعالٰي پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي جو مرڪز بڻائي ۽ ان جي سائي جهنڊي کي هميشه سر بلند رکي.











