پاڪستان جي مالياتي ڪارڪردگي 22 سالن جي مضبوط ترين سطح تي اچي وئي، مالي خسارو 2.6 سيڪڙو تائين محدود

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان مالي سال 26-2025ع جي پڄاڻي تي مالياتي شعبي ۾ نمايان بهتري حاصل ڪندي مالي خساري کي جي ڊي پي جي 2.6 سيڪڙو تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو گذريل 22 سالن جي گهٽ ترين سطح آهي، جڏهن ته بنيادي مالي سرپلس جي ڊي پي جي 2.9 سيڪڙو جي رڪارڊ سطح تائين پهچي ويو آهي. مالي سال 26-2025ع ۾ بنيادي مالي سرپلس مسلسل ٽيون سال …

اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان مالي سال 26-2025ع جي پڄاڻي تي مالياتي شعبي ۾ نمايان بهتري حاصل ڪندي مالي خساري کي جي ڊي پي جي 2.6 سيڪڙو تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو گذريل 22 سالن جي گهٽ ترين سطح آهي، جڏهن ته بنيادي مالي سرپلس جي ڊي پي جي 2.9 سيڪڙو جي رڪارڊ سطح تائين پهچي ويو آهي. مالي سال 26-2025ع ۾ بنيادي مالي سرپلس مسلسل ٽيون سال برقرار رهيو. مالي سال 2024ع ۾ بنيادي سرپلس جي ڊي پي جو 0.9 سيڪڙو، مالي سال 2025ع ۾ 2.4 سيڪڙو جڏهن ته مالي سال 2026ع ۾ اهو وڌي 2.9 سيڪڙو ٿي ويو. انگن اکرن موجب مالي خسارو مالي سال 2022ع ۾ جي ڊي پي جو 7.9 سيڪڙو، مالي سال 2023ع ۾ 7.8 سيڪڙو، مالي سال 2024ع ۾ 6.8 سيڪڙو ۽ مالي سال 2025ع ۾ 5.4 سيڪڙو رهيو، جيڪو مالي سال 2026ع ۾ نمايان گهٽتائي کانپوءِ 2.6 سيڪڙو تائين اچي ويو. ايئن گذريل ٽن سالن دوران مالي خساري ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان 5.2 سيڪڙو پوائنٽس جي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته بنيادي مالي توازن ۾ هڪ سيڪڙو خساري سان 2.9 سيڪڙو سرپلس تائين 3.9 سيڪڙو پوائنٽس جي بهتري رڪارڊ ڪئي وئي. مالي سال 26-2025ع ۾ مجموعي حڪومتي آمدني 19.8 ٽريلين روپيا رهيا، جنهن ۾ ٽيڪس آمدني جو حصو 14.2 ٽريلين روپيا هو، اوڳاڙين ۾ بهتري ۽ خرچن جي محتاط انتظام مالياتي استحڪام کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. حڪومتي قرضن تي وياج جون ادائيگيون مالي سال 2025ع جي اٽڪل 8.9 ٽريلين روپين جي ڀيٽ ۾ گهٽجي مالي سال 2026ع ۾ اٽڪل 6.95 ٽريلين روپيا رهجي ويون، جنهن سان اٽڪل 2 ٽريلين روپين جي گهٽتائي ٿي. ڪل حڪومتي آمدني ۾ وياج جي ادائيگين جي شرح مالي سال 2024ع جي اٽڪل 61 سيڪڙو کان گهٽجي مالي سال 2026ع ۾ 35 سيڪڙو رهجي وئي، جنهن سان حڪومت جي مالي گنجائش ۾ نمايان اضافو ٿيو. ترقياتي خرچن ۽ نيٽ لينڊنگ مالي سال 2026ع ۾ 3.25 ٽريلين روپيا رهي، جڏهن ته مجموعي مالي خسارو 3.31 ٽريلين روپيا ۽ بنيادي مالي سرپلس 3.63 ٽريلين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو. حڪومت جي مالياتي سڌارن ۽ مسلسل بنيادي مالي سرپلس جي نتيجي ۾ قرضن جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي.قرضن ۾ اضافي جي رفتار 20 سالن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي وئي آهي جڏهن ته قرض ۽ جي ڊي پي جي شرح اٽڪل 68 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي آهي. حڪومت موجب مالياتي نظم ۽ ضبط سان قرضن جي پائيداري بهتر، مالي ضرورتن ۾ گهٽتائي ۽ ترقياتي سرگرمين لاءِ اضافي مالي گنجائش پيدا ٿي رهي آهي. پاڪستان جي مالياتي ۽ معاشي ڪارڪردگي کي عالمي سطح تي به پذيرائي حاصل ٿي آهي. جولاءِ 2026ع ۾ عالمي ريٽنگ ايجنسي ايس اينڊ پي پاڪستان جي خودمختار ڪريڊٽ ريٽنگ ڪاٽو B مان B ڪري ڇڏي ۽ آئوٽ لڪ مستحڪم قرار ڏنو، ريٽنگ ۾ بهتري جي اهم سببن ۾ تيز تر مالياتي استحڪام، روينيو ۾ اضافو، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي بحالي ۽ حڪومتي قرض، ۽ جي ڊي پي جي شرح ۾ گهٽتائي شامل آهن. تازا مالياتي انگ اکر ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته پاڪستان مالي سال 2022ع جي 7.9 سيڪڙو مالي خساري ۽ بنيادي مالي خساري کان اڳتي وڌندي مالي سال 2026ع ۾ 2.6سيڪڙو مالي خساري ۽ 2.9 سيڪڙو بنيادي مالي سرپلس جي سطح حاصل ڪئي آهي. مسلسل ٽن سالن جي بنيادي مالي سرپلس، مالي خساري ۾ نمايان گهٽتائي، قرضن ۾ اضافي جي رفتار ۾ گهٽتائي ۽ وياج ۾ گهٽتائي پاڪستان جي مالياتي استحڪام جو رخ اهم اڳڀرائي آهي. حڪومت موجب مالياتي سڌارن جو اهو عمل معاشي استحڪام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ، ترقياتي سرگرمين لاءِ مالي گنجائش وڌائڻ ۽ پائيدار ۽ جامع اقتصادي ترقي جو بنياد مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.