اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي جٽادار ۽ لازوال ڀائيچاري جي ناتن سان جڙيل آهي ۽ گڏيل اعتماد، احترام ۽ پُختي حمايت تي ٻَڌل آهي، پاڪ- چين دوستيءَ کي سڄي پاڪستان ۾ وڏي سياسي حمايت حاصل آهي ۽ اها قومي اتفاق راءِ جي عڪاسي کي ظاهر ڪري ٿي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ رٿيل سيمينار …
پاڪ- چين دوستي قومي اتفاقِ راءِ جي سُڃاڻپ آهي: سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي جٽادار ۽ لازوال ڀائيچاري جي ناتن سان جڙيل آهي ۽ گڏيل اعتماد، احترام ۽ پُختي حمايت تي ٻَڌل آهي، پاڪ- چين دوستيءَ کي سڄي پاڪستان ۾ وڏي سياسي حمايت حاصل آهي ۽ اها قومي اتفاق راءِ جي عڪاسي کي ظاهر ڪري ٿي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ رٿيل سيمينار کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي پي سي) جي مرڪزي ڪميٽي جي عالمي شعبي پارٽي بلڊنگ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو پاڪستان آيل وفد، پاڪستان جي سياسي پارٽين جي نمائندن ۽ ٻين ناليوارين شخصيتن شرڪت ڪئي. سيمينار جي شروعات تي سينيٽ چيئرمين اسلامي جمهوريه پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري جو خاص پيغام پڻ پيش ڪيو. صدرِ مملڪت پنهنجي پيغام ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائينا جي معزز وفد ۽ پاڪستان جي سياسي پارٽين جي نمائندن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪ- چين دوستي وقت جي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي ۽ اڄ به ٻئي ملڪ ۽ سندن عوام گڏيل مفادن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ چين مضبوط ڀائر ۽ هر آزمائش ۾ هڪٻئي سان گڏ اسٽريٽجڪ سهڪار جا ڀائيوار آهن، ٻنهي ملڪن جا ناتا روايتي سفارتي رابطن کان تمام اڳتي وڌي گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل مفادن تي ٻَڌل هڪ جامع ڀائيواريءَ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ٻه طرفن ناتن جي بنيادن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ عوامي سطح تي گڏيل افهام ۽ تفهيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ مسلسل سياسي، پارلياماني ۽ اداره جاتي رابطا اڻٽر آهن. هن چيو ته سياسي پارٽيون قومي پاليسين ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي تسلسل ۽ پائيداري کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، چين جي غير معمولي ترقي ۽ تبديليءَ جي تجربن جو حوالو ڏيندي سينيٽ چيئرمين چيو ته چين جي ڪاميابي اُسرندڙ ملڪن لاءِ قدر جوڳن سبقن خاص طور تي طرزِ حڪمراني، اداره جاتي استحڪام، معاشي ترقي، غربت جي خاتمي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ جي شعبن ۾ فراهم ڪن ٿيون. سينيٽ چيئرمين ون چائينا پاليسي جي اصول لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ قومي ترقيءَ لاءِ چين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته چين پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو هڪ اهم ٿنڀ آهي۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. سينيٽ چيئرمين ڪميونسٽ پارٽي آف چائينا جي قيام جي 105هين سالگره تي چيني قيادت ۽ عوام کي مبارڪون پيش ڪيون ۽ گڏيل افهام ۽ تفهيم کي هٿي ڏيڻ ۽ هڪٻئي جي تجربن مان سکڻ لاءِ پارٽي سطح تي رابطن ۽ مٽاسٽا جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چين سان سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سياسي، پارلياماني ۽ پارٽي سطح تي وڌندڙ رابطا تعاون، گڏيل سکڻ ۽ اداره جاتي ترقيءَ لاءِ نوان موقعا پيدا ڪنداسين. هن پاڪستان لاءِ چيني قيادت ۽ عوام طرفان مسلسل سهڪار کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته پاڪ- چين دوستي پاڪستاني عوام جي دلين ۾ هڪ منفرد ۽ انتهائي قدر جوڳو مقام رکي ٿي. هن اميد ڪئي ته سيمينار ۾ ٿيل تعميري ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي، تعاون ۽ گڏيل ناتن جي ٻنڌڻن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ان کان اڳ ڪميونسٽ پارٽي آف چائينا جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي آرگنائزيشن ڊپارٽمينٽ جي پارٽي بلڊنگ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي فرسٽ ليول انسپيڪٽر ليو ڊاشيو جي اڳواڻيءَ ۾ چيني وفد چيني سفير جيانگ زائي ڊونگ سان گڏ سينيٽ چيئرمين سان ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين وفد جو شاندار استقبال ڪيو ۽ ڪميونسٽ پارتي آف چائينا ۽ پاڪستان جي سياسي پارٽين ۽ ادارن وچ ۾ وڌندڙ رابطن ۽ مٽاسٽا کي ساراهيو. چيني وفد کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چوندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پارٽي سطح تي رابطا ۽ مٽاسٽا سياسي پارٽين جي ترقي، طرزِ حڪمراني ۽ رياستي انتظام جي شعبن ۾ ڳالهين، گڏيل سکڻ ۽ تجربن جي مٽاسٽا لاءِ هڪ نهايت اهم ۽ اثرائتو پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. سيد يوسف رضا گيلاني ماضيءَ ۾ وزيراعظم طور پنهنجي چين جي دؤري جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته چين جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون انتهائي فائديمند رهيون. هن چيو ته چين سان پاڪستان جا ناتا تاريخي نوعيت جا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جو عوام انهن دوستاڻن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.










