اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن سهيل منير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊجيٽل تبديلي، ڊجيٽل فنانس، ماحولياتي سهولتن تائين پهچ بهتر بنائڻ ۽ معاشي سرگرمين ۾ ٽيڪنالاجي جي اثرائتي استعمال جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو …
ناڻي واري وفاقي وزير سان پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن سهيل منير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊجيٽل تبديلي، ڊجيٽل فنانس، ماحولياتي سهولتن تائين پهچ بهتر بنائڻ ۽ معاشي سرگرمين ۾ ٽيڪنالاجي جي اثرائتي استعمال جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجوده قانوني ۽ پاليسي فريم ورڪ کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ ۾ ٿيل تيز رفتار اڳڀرائي ۽ ڪاروباري ماڊلز ۾ پيش ايندڙ تبديلين سان هم آهنگ ڪيو وڃي. ملاقات ۾ اهڙي معاون فريم ورڪ جي ضرورت تي زور ڀريو يوو ته جيڪو اليڪٽرانڪ ڏي وٺ کي تسليم ڪري ۽ واپاري ۽ مالياتي سرگرمين ۾ ڊجيٽل طريقيڪار جي وسيع استعمال جي حوصله افزائي ڪري. ملاقات ۾ ڊجيٽل پليٽ فارم جي وڌ کان وڌ استعمال ۽ اثرائتي طريقيڪار ذريعي مالياتي سهولتن تائين پهچ بهتر بنائڻ جي موقعن جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزير صارفين جي آن بورڊنگ جي عمل کي آسان بنائڻ، ڊيٽا شيئرنگ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ مالياتي ڊيٽا جي گڏيل هڪجهڙائي بهتر بنائڻ جي اهميت اجاگر ڪيو جنهن ۾ بئنڪن ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ وچ ۾ وڌيڪ اثرائتو نظام لاڳو ڪرڻ به شامل آهي. ملاقات ۾ ڊجيٽل پليٽ فارمز ذريعي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ عوام جي وسيع ڀائيواريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ اڪائونٽ کولڻ جي عمل کي آسان ۽ تيز بنائڻ جي قدمن تي به غور ڪيو ويو. بئنڪاري ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي نظام وچ ۾ مضبوط رابطن کي سيڙپڪارن جي شرڪت ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن تائين پهچ وڌائڻ لاءِ اهم قرار ڏنو ويو. ملاقات دوران سرڪاري نظامن ۾ ڊيٽا جي بهتر استعمال ۽ گڏيل هڪجهڙائيءَ جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير پاليسي سازي، منصوبا بندي ۽ فيصله سازي لاءِ اهم مربوط ڊيٽا جي اهميت اجاگر ڪندي ٽيڪنالاجي اي آءِ جي وڌيڪ اثرائتي استعمال تي زور ڀريو. اجلاس ۾ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي امڪانن تي به بحث ڪيو ويو ته جيئن عوامي ۽ مالياتي خدمتن جي فراهميءَ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي. ناڻي واري وزير ۽ چيئرپرسن ڊجيٽل اثاثن ۽ ٽونائزيشن جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾ ريئل اسٽيٽ ۽ ٻين سيڙپڪاريءَ جي اثاثن ۾ امڪاني استعمال شامل آهي. ان سلسلي ۾ اُڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذميداراڻي استعمال لاءِ مناسب قانوني ۽ پاليسي فريم ورڪ ۽ معاون نظام لاڳو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. ناڻي واري وزير ڊجيٽل قدمن کي اڳتي وڌائڻ، ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري ۽ پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت جي مسلسل ترقيءَ لاءِ سمورين لاڳاپيل ڌُرين سان اثرائتي ۽ مسلسل رابطا ڪاري جي اهميت تي پڻ زور ڀريو.










