اسلام آباد _ 13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي ( آءِ ايس پي آر) يوم آزادي جي موقعي تي ملي نغمو ” ميرا پيارا وطن پاڪستان “ جاري ڪيو آهي . نغمي جا ٻول وطن سان ڀرپر محبت ۽ يڪجهتي جي ترجماني ڪري رهيا آهن . ملي نغمو گلگت بلتستان جي دلڪش حسين وادين ۽ خوبصورت منظرن کي قومي محبت جي جذبي سان جوڙي …
آءِ ايس پي آر پاران يوم آزادي جي موقعي تي ملي نغمو جاري

مزید خبریں
اسلام آباد _ 13 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي ( آءِ ايس پي آر) يوم آزادي جي موقعي تي ملي نغمو ” ميرا پيارا وطن پاڪستان “ جاري ڪيو آهي . نغمي جا ٻول وطن سان ڀرپر محبت ۽ يڪجهتي جي ترجماني ڪري رهيا آهن . ملي نغمو گلگت بلتستان جي دلڪش حسين وادين ۽ خوبصورت منظرن کي قومي محبت جي جذبي سان جوڙي ٿو . آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل نغمي ۾ گلگت بلتستان سان تعلق رکندڙ گلوڪار مجيد احمر پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي .ملي نغمي ۾ پاڪستان سان بي شمار محبت ۽ وفاداري کي به اجاگر ڪيو ويو آهي . آءِ ايس پي آر جو اهو نغمو دراصل پاڪستان جي خوبصورتي ، قومي يڪجهتي جي محبت ۽ وفاداري جي جذبي جي ترجماني آهي .











