واشنگٽن – 13 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ فوجي اپاچي هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پائليٽ فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق بيل ڪائونٽي شيرف جي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته اهو حادثو خميس تي منجهند جو اٽڪل هڪ لڳي 35 منٽن تي ٽيڪساس رياست جي مرڪزي علائقي سالاڊو ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هيليڪاپٽر ۾ سوار 2 پائيلٽ فوت …
آمريڪي فوج جو اپاچي هيليڪاپٽر ڪري تباهه، 2 پائليٽ مارجي ويا
واشنگٽن – 13 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ فوجي اپاچي هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پائليٽ فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق بيل ڪائونٽي شيرف جي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته اهو حادثو خميس تي منجهند جو اٽڪل هڪ لڳي 35 منٽن تي ٽيڪساس رياست جي مرڪزي علائقي سالاڊو ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هيليڪاپٽر ۾ سوار 2 پائيلٽ فوت ٿي ويا. هن ٻڌايو ته هيليڪاپٽر ڪنهن عمارت يا شخص سان ناهي ٽڪرايو پر هڪ کليل ميدان ۾ ڪريو. آمريڪي فوج مطابق اهو جهاز اي ايڇ 64 اپاچي هيليڪاپٽر هو، جيڪو ويجهي فورٽ هڊ فوجي اڏي تي مقرر هو. حادثي جي نتيجي ۾ ٻيلي ۾ لڳل باهه سبب ڪيترن ئي گهرن کي خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو. اختيارين مطابق حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته هنگامي امدادي ڪارروائيون جاري آهن.












