ڀٽائي اسپتال انتظاميا سان پوليس اهلڪار جي بدتميزي جو ايس ايس پي حيدرآباد نوٽيس ورتو، اهلڪار معطل، انڪوائري جو حڪم

حيدرآباد -13 آگسٽ (اي پي پي) ڀٽائي اسپتال ۾ پوليس ڪانسٽيبل نديم الدين، گذريل ڏينهن اتي ڊيوتي تي موجود ليڊي ڊاڪٽر سان بدتميزي ۽ غير مهذب رويو اختيار ڪرڻ واري واقعي جو ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ فوري نوٽيس ورتوآهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد فوري نوٽيس وٺندي لاڳاپيل پوليس اهلڪار کي معطل ڪري کيس لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو جڏهن ته وڌيڪ جاچ لاءِ ايس ڊي پي …

حيدرآباد -13 آگسٽ (اي پي پي) ڀٽائي اسپتال ۾ پوليس ڪانسٽيبل نديم الدين، گذريل ڏينهن اتي ڊيوتي تي موجود ليڊي ڊاڪٽر سان بدتميزي ۽ غير مهذب رويو اختيار ڪرڻ واري واقعي جو ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ فوري نوٽيس ورتوآهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد فوري نوٽيس وٺندي لاڳاپيل پوليس اهلڪار کي معطل ڪري کيس لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو جڏهن ته وڌيڪ جاچ لاءِ ايس ڊي پي او حسين آباد غلام اڪبر کي باقاعده انڪوائري جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ چيو ته پوليس کاتي لاءِ هر فرد عزت ۽ احترام جو حقدار آهي، ڪنهن به پوليس آفيسر يا اهلڪار کي ڪنهن شهري سان غير مهذب رويو يا بدتميزي ڪرڻ جي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي. صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ڊاڪٽر ۽ طبي عملو ڏکين حالتن ۾ انسانيت جي خدمت لاءِ اڳيان اڳيان هوندو آهي.هن چيو ته سمورن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گهرجي ته صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي پنهنجي پيشيوراڻي تربيت ۽ ذميواري جو ثبوت ڏين. اهڙي قسم جي غير مناسب رويي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ واقعي جو فوري نوٽيس وٺڻ ۽ بروقت  ڪارروائي ڪرڻ تي اسپتال انتظاميا ايس ايس پي حيدرآباد جا ٿورا مڃيندي سندس قدم کي ساراهيو ۽ طبي عملي جي تحفظ کي بروقت يقيني بڻائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.