حيدرآباد -13 آگسٽ (اي پي پي) يوم آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪاليجز حيدرآباد ريجن جي اهتمام هيٺ بوائز ڪاليجز وچ ۾ ”رسه ڪشي“ (ٽگ آف وار) جو مقابلو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج اينڊ پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر لطيف آباد نمبر 11 ۾ منعقد ٿيو.مقابلي جو خاص مهمان ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر يوسف خان رحماني، ايڊيشنل ڊائريڪٽر پروفيسر شهزاد احمد زئي ۽ ڊگري ڪاليج جو پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الله هو.ان موقعي تي مختلف ڪاليجز …
يوم آزادي جي تقريب جي سلسلي ۾ بوائز ڪاليجز وچ ۾ “رسو ڇڪڻ ” جو مقابلو منعقد
حيدرآباد -13 آگسٽ (اي پي پي) يوم آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪاليجز حيدرآباد ريجن جي اهتمام هيٺ بوائز ڪاليجز وچ ۾ ”رسه ڪشي“ (ٽگ آف وار) جو مقابلو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج اينڊ پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر لطيف آباد نمبر 11 ۾ منعقد ٿيو.
مقابلي جو خاص مهمان ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر يوسف خان رحماني، ايڊيشنل ڊائريڪٽر پروفيسر شهزاد احمد زئي ۽ ڊگري ڪاليج جو پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الله هو.ان موقعي تي مختلف ڪاليجز جي شاگردن ڀرپور ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي بهترين راند پيش ڪئي. مقابلي ۾ پهرين پوزيشن گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو ڄام، ٻي پوزيشن مسلم سائنس بوائز ڪاليج ۽ ٽين پوزيشن گورنمينٽ بوائز ڪاليج قاسم آباد حاصل ڪئي.نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ ڪاليجز جي شاگردن ۾ ٽرافيون ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. ان موقعي تي پروگرام ڪوآرڊينيٽر ۽ سينيئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن وسيم احمد، پروفيسر اشفاق عباسي، پروفيسر مليحه سومرو، سينيئر چيف ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن محمد ارشد آرائين کان علاوه ضلعي جي سرڪاري ڪاليجز جا پرنسپلز، فزيڪل ايجوڪيشن جو ڊائريڪٽر ۽ شاگردن جو وڏو انگ پڻ موجود هو.












