اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ چونڊن جا ٽئي مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن، پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي واضح برتري حاصل آهي،ٽئين مرحلي جي پڄاڻي تي مسلم ليگ (ن) 24 سيٽون حاصل ڪري چڪي آهي، فارمولي تحت 3 عورتون ۽ 3 ٻيون مخصوص سيٽون به (ن) ليگ کي ملنديون. اربع ڏينهن …
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ چونڊن جا ٽيئي مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن، پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي واضح برتري حاصل آهي: طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ چونڊن جا ٽئي مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن، پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي واضح برتري حاصل آهي،ٽئين مرحلي جي پڄاڻي تي مسلم ليگ (ن) 24 سيٽون حاصل ڪري چڪي آهي، فارمولي تحت 3 عورتون ۽ 3 ٻيون مخصوص سيٽون به (ن) ليگ کي ملنديون. اربع ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مخصوص سيٽن ۾ اوورسيز، ٽيڪنوڪريٽ ۽ عالم سڳورن جون سيٽون شامل آهن، مسلم ليگ (ن) جي مجموعي طور تي ڪل سيٽن جو انگ 30 ٿي ويندو، ايندڙ هفتي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو، اسيمبلي اجلاس ۾ ميمبرن جو حلف ۽ مخصوص سيٽن تي چونڊ ٿيندي، ايندڙ هفتي ئي اسپيڪر ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي چونڊ به مڪمل ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته آزاد ڪشمير ۾ هڪ مستحڪم ۽ مضبوط حڪومت قائم ٿيڻ وڃي رهي آهي، موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي آزاد ڪشمير ۾ مضبوط حڪومت قائم ڪرڻ ضروري آهي. آزاد ڄمون ڪشمير ۾ مجموعي طور تي چونڊون صاف، شفاف ۽ ڪريڊيبل ٿيون. هن چيو ته آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ ڪنهن به بدنظمي يا ڌانڌلي جي ڪارروائي خلاف زيرو ٽالرنس رهي آهي، ايل اي 6 ميرپور ۾ پولنگ اسٽيشن کان بيلٽ باڪس کڻندڙ اميدوارن کي فوري گرفتار ڪيو ويو، انتظاميه، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ اليڪشن ڪميشن کي شفاف چونڊن تي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته شفاف اليڪشن کان اليڪشن ڪميشن، انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ساک ۾ اضافو ٿيو، حويلي ۾ اسان جي اميدوار محسن عزيز جي ڌانڌلي جي شڪايت تي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، اميدآهي ته اليڪشن ڪميشن حويلي جي تڪ بابت شڪايتن جو ازالو ميرٽ تي ڪندو.









