اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4200 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 63 هزار 936 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 200 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 63 هزار 9 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3601 رپين …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4200 رپين جي واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 4200 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 63 هزار 936 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 200 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 63 هزار 9 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3601 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 94 هزار 149 رپين مان وڌي 3 لک 97 هزار 149 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 61 هزار 316 رپين مان وڌي 3 لک 64 هزار 617 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 146 رپين جي واڌ کانپوءِ 7111 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 125 رپين جي واڌ کانپوءِ 6095 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4373 ڊالرز مان وڌي 4415 ڊالرز ٿي وئي.









