مظفرآباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ جيان سپريم ڪورٽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ به يوم آزادي جي موقعي تي 14 آگسٽ واري ڏينهن تقريب منعقد ڪئي ويندي. چيف جسٽس آزاد ڄمون ڪشمير جسٽس راجا سعيد اڪرم خان سپريم ڪورٽ آزاد ڄمون ڪشمير مظفرآباد ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائيندو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ آزاد ڄمون ڪشمير جا جج، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جسٽس سردار لياقت حسين، معزز ججز، عدليه جا …
آزاد ڄمون ڪشمير جي سپريم ڪورٽ ۾ يوم آزادي جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي ويندي

مزید خبریں
مظفرآباد- 12 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ جيان سپريم ڪورٽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ به يوم آزادي جي موقعي تي 14 آگسٽ واري ڏينهن تقريب منعقد ڪئي ويندي. چيف جسٽس آزاد ڄمون ڪشمير جسٽس راجا سعيد اڪرم خان سپريم ڪورٽ آزاد ڄمون ڪشمير مظفرآباد ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائيندو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ آزاد ڄمون ڪشمير جا جج، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جسٽس سردار لياقت حسين، معزز ججز، عدليه جا اعليٰ عهديدار، بار ڪائونسل ۽ بار ايسوسيئيشنز جا عهديدار، ايڊووڪيٽ جنرل آزاد ڪشمير، وڪيل، شاگرد ۽ شاگردياڻيون شريڪ ٿيندا.








