اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پُرعز آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام حڪومت جو نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان فليگ شپ پروگرام آهي جنهن جو مقصد ملڪ جي نوجوانن کي تعليم، هنرمندي، روزگار، ڪاروبار، ڊيجيٽل جدت، راندين ۽ شهري سرگرمين ۾ موقعا فراهم ڪندي ملڪ جي آبادياتي صلاحيت مان فائدو کڻڻ آهي. نوجوانن …
وزيراعظم يوٿ پروگرام حڪومت جو نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان فليگ شپ پروگرام آهي: صدر آصف علي زرداري جو نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پُرعز آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام حڪومت جو نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان فليگ شپ پروگرام آهي جنهن جو مقصد ملڪ جي نوجوانن کي تعليم، هنرمندي، روزگار، ڪاروبار، ڊيجيٽل جدت، راندين ۽ شهري سرگرمين ۾ موقعا فراهم ڪندي ملڪ جي آبادياتي صلاحيت مان فائدو کڻڻ آهي. نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پيغام ۾ صدر نوجوانن کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هو عالمي برادري سان گڏجي انهن جي توانائي، استقامت، تخليقي صلاحيتن ۽ هڪ پرامن، خوشحال ۽ پائيدار مستقبل جي تعمير جي عزم کي ساراهين ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته هن سال نوجوانن جي عالمي ڏينهن جو موضوع “مختلف حالتون، گڏيل خواهشون” اسان کي ياد ڏياري ٿو ته نوجوان ڀلي ڪنهن به پس منطر سان تعلق رکندا هجن، معياري تعليم، باعزت روزگار، جدت، برابري ۽ معاشري ۾ شرڪت انهن جي گڏيل خواهش آهي. اهو رڳو رياست جو فرض نه آهي پر اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته هر نوجوان کي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو وڃي. صدر چيو ته اسان جي نوجوانن جو جوش، تخليقي صلاحيت ۽ استقامت پاڪستان جي لاءِ هڪ قوت آهي. تعليم، روزگار، ڪاروبار، رضاڪاراڻي سرگرمين ۽ فيصلاسازي جي عمل ۾ نوجوانن جي شموليت کي يقيني بڻائي اسان معاشري جي بهتري جي لاءِ انهن جي بي پناهه صلاحيتن مان فائدو کڻي سگهون ٿا. صدر چيو ته نوجوانن کي قومي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ بااختيار بڻائڻ رڳو انهن جي مستقبل ۾ ئي نه پر حقيقت ۾ پاڪستان جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اٽڪل 67 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر ماڻهن تي ٻڌل آهي، ان لاءِ اسان جا نوجوان قوم جي سڀ کان وڏي قوت آهن. خاص طور تي نوجوان عورتن جون امنگون، صلاحيتون ۽ قيادت اسان جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهن. ڇوڪرين ۽ نوجوان عورتن جي لاءِ تعليم، هنرمندي، ڪاروبار، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ قيادت ۾ موقعا فراهم ڪري اسان پنهنجي قوم جي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته هي ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جي به ياد ڏياري ٿو ته جيڪڏهن تعليمي موقعن جي کوٽ، نوجوانن ۾ بيروزگاري جي بلند شرح ۽ ڊيجيٽل خواندگي جي خال جهڙن چئلينجز جو وقت سر تدارڪ نه ڪيو ويو ته انهن جا ڊگهي مدي وارا اثر پوري معاشري ۾ پکڙجي سگهن ٿا، جن ۾ معاشي جمود، افرادي قوت جو ٻاهرئين ملڪ منتقلي جو رجحان، ڏوهن ۾ اضافو، انساني اسمگلنگ، ذهني صحت جي مسئلن ۽ معاشي بي چيني به شامل آهن. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام حڪومت جو نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان فليگ شپ پروگرام آهي جنهن جو مقصد ملڪ جي نوجوانن کي تعليم، هنرمندي، روزگار، ڪاروبار، ڊيجيٽل جدت، راندين ۽ شهري سرگرمين ۾ موقعا فراهم ڪندي ملڪ جي آبادياتي صلاحيت مان فائدو کڻڻ آهي. صدر چيو ته آئون پنهنجي نوجوان ڌيئرن ۽ پٽن جي حوصلا افزائي ڪريان ٿو ته اهي بهترين ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، خدمت کي اختيار ڪن، ديانتداري، همدرديءَ ۽ برداشت جي قدرن کي فروغ ڏين ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته اچو! پنهنجي گڏيل خواهشن کي گڏيل ڪاميابين ۾ تبديل ڪريون ۽ هڪ مضبوط، جامع ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير ڪريون.










