اسلام آباد - 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن جي بهترين ذهني ۽ جسماني ۽ فڪري ۽ علمي واڌويجهه جي لاءِ سمورن دستياب قومي وسيلن جو استعمال حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، نوجوانن جي تخليقي صلاحيت ۽ پُرعزم محنت بنا ڪنهن شڪ جي معاشري جي هر شعبي ۾ اميد جوڳي ترقي جو سبب آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …
نوجوانن جي بهترين ذهني ۽ جسماني ۽ فڪري ۽ علمي واڌويجهه لاءِ سمورن دستياب قومي وسيلن جو استعمال حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوانن جي بهترين ذهني ۽ جسماني ۽ فڪري ۽ علمي واڌويجهه جي لاءِ سمورن دستياب قومي وسيلن جو استعمال حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، نوجوانن جي تخليقي صلاحيت ۽ پُرعزم محنت بنا ڪنهن شڪ جي معاشري جي هر شعبي ۾ اميد جوڳي ترقي جو سبب آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي سمورن باصلاحيت نوجوانن کي انهن جي قدرتي سگهه، پرجوش توانائي ۽ مثبت امنگن تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، هن سال نوجوانن جو عالمي ڏينهن “مختلف حالتون، گڏيل امنگون” جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي، اهو موضوع ان حقيقت کي اجاگر ڪري ٿو ته دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ نوجوانن جي زندگي مختلف حالتن جي اثرن هيٺ هوندي آهي پر شاندار مستقبل جا خواب، امنگون ۽ خواهشون هڪ جهڙيون هونديون آهن. وزيراعظم چيو ته اسان جا نوجوان اسان جي قوم جو انمول سرمايو آهن، نوجوان اسان جي روشن مستقبل جا معمار آهن، نوجوانن جي تخليقي صلاحيت ۽ پُرعزم محنت بنا ڪنهن شڪ جي معاشري جي هر شعبي ۾ اميد جوڳي ترقي جو سبب آهي. نوجوانن جي صلاحيتن ۽ ڀرپور سگهه جو اظهار ئي خوشحال، پرامن ۽ مضبوط پاڪستان جي تعمير جي لاءِ لازمي آهي. پاڪستان جي نوجوان آباديءَ زندگي جي مختلف شعبن ۾ قومي ۽ عالمي افق تي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ مقامي سطح تي به معاشري ۾ فعال سماجي ميمبر جي حيثيت سان پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته نوجوانن جي بهترين ذهني ۽ جسماني ۽ فڪري ۽ علمي واڌويجهه جي لاءِ سمورن دستياب قومي وسيلن جو استعمال حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان حڪومت نوجوانن کي موجوده دور سان هم آهنگ، جديد ۽ معياري تعليم، فني ۽ پيشيواراڻي مهارتن جي فروغ، روزگار جي موقعن، ڪاروبار ۽ صنعتڪاري، ڊيجيٽل جدت ۽ سماجي شموليت جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت مختلف پاليسيز سان گڏوگڏ عملي قدم پڻ کڻي رهي آهي ته جيئن نوجوان پنهنجي صلاحيتن، هنر ۽ پيشيواراڻي سگهه کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪري سگهن ۽ عالمي افق تي ملڪ جو نالو روشن ڪن. وزيراعظم چيو ته هوشيار شاگردن جي لاءِ تعليمي ميدان ۾ ترقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٽيڪنيڪل ۽ مصنوعي ذهانت جي ٽريننگ جون راهون کولڻ جي لاءِ حڪومت اسڪالرشپ پروگرام، ليپ ٽاپ جي ورڇ، پيڊ انٽرن شپ جهڙا ڪيترائي مثبت قدم کنيا آهن، وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام ملڪ ۾ باصلاحيت ۽ هنرمند افرادي قوت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پيشيواراڻي مهارت سان ليس ۽ هنرمند افرادي قوت جي مستنند ۽ عالمي معيار جي تربيت جي لاءِ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن کي ترجيحي بنيادن تي وڌيڪ فعال ڪيو ويو آهي. اهو قومي ادارو افرادي قوت کي عالمي سطح تي مڃيل سرٽيفڪيٽ ۽ صنعتن کي گهربل هنر جي تربيت جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن آئون پنهنجي نوجوانن کي خصوصي پيغام ڏيان ٿو ته اهي ديانتداري، ذميواري ۽ ملڪ جي خدمت جي جذبي سان محنت جو سفر جاري رکن، نوجوانن جي ترقي ۾ ئي قوم جي پائيدار ترقي ۽ شاندار مستقبل جي منزل آهي. وزيراعظم چيو ته اچو ان وچن جو ورجاءُ ڪريون ته سڀ متحد ٿي ڀرپور انداز ۾ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ تعميري ۽ فعال ڪردار ادا ڪنداسين ته جيئن نوجوانن سميت سمورن طبقن جي لاءِ ملڪ ئي روشن مستقبل جي ضمانت هجي.










