اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيونو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن، خاص طور تي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري رابطن ۽ بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيونو …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيونو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيونو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن، خاص طور تي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري رابطن ۽ بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير سوگيونو ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ امن ۽ استحڪام جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي تعميري ۽ اهم ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون جي ترجيحي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو.










