اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد اعزاز ڏيڻ واري خصوصي تقريب ۾ ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا (هلال امتياز (ملٽري)، ستاره بسالت) کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. اهو اعلى ترين اعزاز پاڪستان جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتن، غيرمعمولي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو. ايوان صدر …
صدر آصف علي زرداري ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد اعزاز ڏيڻ واري خصوصي تقريب ۾ ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا (هلال امتياز (ملٽري)، ستاره بسالت) کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. اهو اعلى ترين اعزاز پاڪستان جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتن، غيرمعمولي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير (نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت)، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف (نشان امتياز، نشان امتياز (ملٽري)، تمغه بسالت)، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو (نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت)، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ سفارتي برادري جي نمائندن شرڪت ڪئي. بعد ۾ ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا صدر سان ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري کيس مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.










