قائداعظم جي 11 آگسٽ جي خطاب جي روشني ۾ اقليتن کي پاڪستان جي آئين ۾ برابر حق حاصل آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان قائم ٿيڻ کان پاڪستان جي تعمير تائين زندگي جي هر شعبي ۾ مسلمانن سان گڏ بيٺل اقليتن جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن شهرين بنا ڪنهن مذهبي فرق جي گڏجي قدم سان قدم ملائي ملڪ کي تعمير ۽ ترقي ڏياري آهي، قائداعظم محمد علي جناح جي فرمان موجب پاڪستان …

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان قائم ٿيڻ کان پاڪستان جي تعمير تائين زندگي جي هر شعبي ۾ مسلمانن سان گڏ بيٺل اقليتن جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن شهرين بنا ڪنهن مذهبي فرق جي گڏجي قدم سان قدم ملائي ملڪ کي تعمير ۽ ترقي ڏياري آهي، قائداعظم محمد علي جناح جي فرمان موجب پاڪستان جي آئين ۾ سمورن پاڪستانين کي برابر حق حاصل آهن. هو اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ مذهبي اقليتن جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ سڄي ملڪ مان مختلف اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته 11 آگست کي پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن جي قومي ڏينهن جي طور تي ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته مسيحي، هندو، سک ۽ پارسي ڪميونٽي سميت سمورن اقليتن سان تعلق رکندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جو اسان جي دل ۾ تمام گهڻو احترام آهي، اقليتن تحريڪ پاڪستان ۾ قائداعظم جو ساٿ ڏئي تعميري ڪردار ادا ڪيو جيڪو تاريخ جو حصو آهي. هن چيو ته قائداعظم جي 11 آگسٽ جي خطاب جي روشني ۾ اقليتن کي پاڪستان جي آئين ۾ برابر حق حاصل آهن. وزيراعظم چيو ته اقليتي برادرين پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، تعليم جي ميدان ۾ ڪرسچن ڪيمونٽي جي خدمتن جي ساراهه نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم پنهنجي ۽ پنهنجي ڀينرن ڀائرن جي مسيحي اسڪولن ۾ شروعاتي تعليم جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ ياد ڏياريو ته تعليمي شعبي ۾ انهن جون نمايان خدمتون آهن. وزيراعظم سيسل چوڌري، جسٽس اي آر ڪارنيلئيس، جوگندر ناٿ منڊل، ايس ايل گبز ۽ ايس پي سنگها سميت مختلف اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ نمايان قومي شخصيتن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن جي خدمتن کان ڪير واقف نه آهي. هن چيو ته اقليتن جنگين ۽ قومي تعمير جي هر ميدان ۾ تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون، ملڪي دفاع جي لاءِ به انهن جون قربانيون نه وسارڻ جوڳيون ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ انهن به پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان سڀني کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، نوجوانن کي جديد علم سان ليس ڪري پاڪستان کي دنيا ۾ نمايان ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان پاڪستان جي تعمير تائين هر شعبي ۾ اقليتي برادري جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي ملڪ کي تعمير ۽ ترقي ۽ خوشحالي ڏيارڻي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي  مقصدن کي ذهن ۾ رکندي اڳتي وڌڻو ۽ پاڪستان کي عالمي دنيا ۾ ان جو مقام ڏيارڻو آهي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب، پاڪستان، ترڪيه جي وچ ۾ مڪه دفاعي معاهدو ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهي، اهو امن، ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ آهي. هن خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ اقليتي برادري جي شخصيتن کي ايوارڊز ۽ اعزازن سان پڻ نوازيو. ان کان اڳ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل تحفظ حاصل آهي، حڪومت اقليتن جي ڀلائي لاءِ ضروري قدم کڻي رهي آهي، ملڪ جي لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ اقليتي برادري جي ماڻهن کي ايوارڊز ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين اقليتن جي حقن جي مڪمل ضمانت فراهم ڪري ٿو، قائد جي ويزن موجب اقليتن جا حق حڪومت جي اولين ترجيح آهي، انهن جي عبادتگاهن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي، انهن کي تعليمي وظيفا ڏنا پيا وڃن، مالي مدد ڪئي پئي وڃي، 10 مذهبي تهوارن کي سرڪاري سطح تي ملهائڻ جو اهتمام ڪيو ويو آهي. مذهبي بين المذاهب هم آهنگي واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پوري ملڪ ۾ اقليتن جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، اقليتن جي ڏينهن تي وزيراعظم جي شرڪت اسان جي لاءِ خوشي جوڳي آهي، اسان فخر سان چئون ٿا ته پاڪستان سڀني جو پاڪستان آهي. هن چيو ته سک ميرج ايڪٽ، هندو ميرج ايڪٽ اقليتن جي لاءِ انتهائي اهم اڳڀرائي آهي، مسيحي ميرج ايڪٽ تي به ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي ۽ تحفظ حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارت جي تڪبر کي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، پاڪستان سڄي دنيا ۾ مذهبي هم آهنگي جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. سينيٽر خليل طاهر سنڌو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ نيشنل ڪميشن فار مائنارٽيز ايڪٽ خوش آئنده آهي، اقليتن پاڪستان جي ترقي جي لاءِ سدائين ڪردار ادا ڪيو آهي.

مزید خبریں