وفاقي وزير حنيف عباسي جي هارون اختر سان ملاقات

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت صلاحڪار هارون اختر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس اهم عهدي جي مقرري تي دلي مبارڪون پيش ڪيون. ملاقات دوران حنيف عباسي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ان چونڊ کي بهترين فيصلو قرار ڏيندي چيو ته هارون اختر خان کي اهم ذميواري سونپڻ بلڪل درست فيصلو آهي. سندس قيادت ۽ وسيع …

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت صلاحڪار هارون اختر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس اهم عهدي جي مقرري تي دلي مبارڪون پيش ڪيون. ملاقات دوران حنيف عباسي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ان چونڊ کي بهترين فيصلو قرار ڏيندي چيو ته هارون اختر خان کي اهم ذميواري سونپڻ بلڪل درست فيصلو آهي. سندس قيادت ۽ وسيع تجربي مان صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي وڌيڪ هٿي ملندي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ ملڪي صنعتي ۽ معاشي ترقي، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل تعاون جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي وفاقي وزير حنيف عباسي چيو ته صنعتي ترقي، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. هن عزم جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ملڪي معيشت، صنعت ۽ پيداوار کي هٿي وٺائڻ لاءِ موثر قدمن جو سلسلو جاري رکندي.

مزید خبریں