اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وزارت اسلام آباد، لاهور، سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽس ۾ نئين ججز جي مقرري، اضافي ججز جي مقرري ۽ ڪجهه ججز جي مدي ۾ توسيع جا نوٽيفڪيش جاري ڪري ڇڏيا. قانون واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب اياز شوڪت، عمير مجيد ملڪ ۽ شاهه رخ ارجمند کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس …
اسلام آباد، لاهور، سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽس ۾ نئين ججز جون مقرريون، قانون واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وزارت اسلام آباد، لاهور، سنڌ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽس ۾ نئين ججز جي مقرري، اضافي ججز جي مقرري ۽ ڪجهه ججز جي مدي ۾ توسيع جا نوٽيفڪيش جاري ڪري ڇڏيا. قانون واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب اياز شوڪت، عمير مجيد ملڪ ۽ شاهه رخ ارجمند کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس سرفراز ڊوگر انهن کان حلف وٺندو جڏهن ته حلف برداري جي تقريب جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ غلام سرور نهنگ، محمد اجمل خان زاهد، عامر اعجاز ملڪ، شيرين عمران، اسد علي باجوه، محمد امجد پرويز، منور اقبال دوگل، فرهاد علي شاهه، محمد عثمان غني ۽ خالد ابن عزيز کي اضافي جج مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي لاءِ پڻ ٽن اضافي ججز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. محمد همايون خان، سريش ڪمار ۽ ڊاڪٽر شاهنواز ميمڻ کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر ڪيو ويو آهي. قانون واري وزارت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جج جسٽس طارق محمود باجوه کي مستقل جج مقرر ڪرڻ جو پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ايڊيشنل جج خالد حسين شاهاڻي جي مدي ۾ وڌيڪ 6 مهينن جي توسيع ڪئي وئي آهي. بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي لاءِ به ٽن ايڊيشنل ججز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي وڪيل رئوف عطا، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج الهداد روشن ۽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالقيوم لهري کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي ٽن ايڊيشنل ججز جي مقرري انهن جي حلف کڻڻ جي تاريخ کان هڪ سال جي لاءِ هوندي.











