لاڙڪاڻو- 11 آگسٽ (اي پي پي) گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ جشنِ آزادي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين اعجاز احمد لغاري ۽ ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڪاليج جي پرنسپل زينب فاطمه جماڻي سميت پروفيسرن، استادن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جي آزاديءَ جي جدوجهد ۽ قومي جذبي …
لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ گرلس ڪاليج ۾ جشنِ آزادي جي تقريب منعقد

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 11 آگسٽ (اي پي پي) گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ جشنِ آزادي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين اعجاز احمد لغاري ۽ ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڪاليج جي پرنسپل زينب فاطمه جماڻي سميت پروفيسرن، استادن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان جي آزاديءَ جي جدوجهد ۽ قومي جذبي کي اجاگر ڪندڙ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا. ان کان علاوه ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ خاص دعائون به گهريون ويون. تقريب دوران مهمانن ۽ ڪاليج انتظاميا وڻڪاري مهم تحت ٻوٽا پڻ پوکيا. تقريب جي آخر ۾ لاڙڪاڻو جي ميئر بهترين پرفارمنس ڏيکاريندڙ شاگردياڻين ۾ ڪيش انعام پڻ ورهايا.











