اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي صحت بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختيار احمد ڀرٿ نيشنل هيلٿ ايمرجنسي جي تيارين ۽ ريسپانس جي سلسلي ۾ منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان موسمياتي رجحانن جو جائزو ورتو وڃي ته اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي هڪ مستقل حقيقت بڻجي چڪي آهي، ملڪ کي هاڻي شديد سانوڻي، غير معمولي …
هر سال وڏي تعداد ۾ ماڻهو موسمياتي آفتن سبب بي گهر ۽ لڏپلاڻ تي مجبور ٿيندا آهن: ڊاڪٽر مختيار احمد ڀرٿ

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي صحت بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختيار احمد ڀرٿ نيشنل هيلٿ ايمرجنسي جي تيارين ۽ ريسپانس جي سلسلي ۾ منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان موسمياتي رجحانن جو جائزو ورتو وڃي ته اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي هڪ مستقل حقيقت بڻجي چڪي آهي، ملڪ کي هاڻي شديد سانوڻي، غير معمولي برساتن، ڪلائوڊ برسٽ، ٻوڏ ۽ ٻين موسمياتي آفتن جهڙن انتهائي واقعن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جنهن جا اثر سڌي ريت اسان جي آبادي ۽ صحت جي نظام تي پئجي رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي ذهني طور اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته موسمياتي تبديلي جو اهو نئون پيٽرن پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ واضح طور ڄمي چڪو آهي جيتوڻيڪ هاڻي صرف هنگامي صورتحال پيدا ٿيڻ کان پوءِ رد عمل ڏيڻ ڪافي ناهي. اسان کي پريپئرڊنس، ريسپانس ۽ ريڪوري جي حوالي سان هڪ جامع ۽ مستقل نظام واضح ڪرڻو پوندو. ڊاڪٽر مختيار ڀرٿ چيو ته هر سال وڏي انگ ۾ ماڻهو موسمياتي آفتن سبب بي گهر ۽ لڏپلاڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن. اهڙين حالتن ۾ مليريا، ڊينگي، ڊائريا، ساهه جون بيماريون ۽ ٻيا وبائي ۽ ڪيترائي مرض پکڙجڻ جو خطرو ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪو آهي، جڏهن ته ڳورهارين عورتن، ٻارن، بزرگن ۽ ٻين ڪمزور طبقن کي خاص صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن زور ڀريو ته صحت واري وزارت، صوبائي صحت وارا کاتا، نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي، عالمي ترقياتي ۽ امدادي ادارا ۽ ٻين لاڳاپيل شراڪتدارن کي گڏجي واضح ۽ عملي اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجرز تيار ڪرڻو پوندو. ان ايس او پيز ۾ ان ڳالهه جي وضاحت هئڻ گهرجي ته ڪنهن به آفت يا وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جي صورت ۾ صحت جي شعبي جو رد عمل ڪنهن سطح تي، ڪنهن اداري ذريعي ۽ ڪهڙي طريقيڪار تحت هوندو. هن چيو ته نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي پاران جاري ٿيل موسمياتي ۽ قدرتي آفتن جي الرٽس کي صحت جي شعبي جي اڳواٽ تياري سان مربوط ڪرڻو پوندو. الرٽ جاري ٿيندي ئي لاڳاپيل ضلعن ۾ صحت جون ٽيمون، دوائون، ضروري طبي سامان ۽ ٻين وسيلن جي وقت سر دستيابي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ صحت واري وزارت جو ڪردار پاليسي سازي، قومي سطح تي رابطاڪاري، معيارن جي تعين ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ۾ اهم آهي، جڏهن ته ان نظام کي عملي طور تي ڪامياب بڻائڻ لاءِ صوبائي حڪومتون ۽ ضلعي انتظاميه جو موثر ڪردار اڻٽر آهي.











