اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو پهريون مرحلو پاڪستان کي توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي بحران مان نڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيو، جڏهن ته سي پيڪ 2.0 تحت اسان جو ڌيان انفراسٽرڪچر کان صنعتڪاري ۽ حڪومتي سطح جي رابطن سان ڪاروباري سطح جي شراڪتداري طرف منتقل ٿي چڪو آهي. …
سي پيڪ جو پهريون مرحلو توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي بحران ۾ مددگار ثابت ٿيو، هاڻي ڌيان صنعتڪاري ۽ ڪاروباري شراڪتداري تي آهي: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو پهريون مرحلو پاڪستان کي توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي بحران مان نڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيو، جڏهن ته سي پيڪ 2.0 تحت اسان جو ڌيان انفراسٽرڪچر کان صنعتڪاري ۽ حڪومتي سطح جي رابطن سان ڪاروباري سطح جي شراڪتداري طرف منتقل ٿي چڪو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن چين جي اڪنامڪ افيئرز پريس جي سينئر ايڊوائيزر سن ڊونگ شينگ جي قيادت ۾ پاڪستان آيل اعليٰ سطحي وفد سان سي پيڪ سيڪريٽريٽ، رٿابندي ۽ ترقي واري وزارت ۾ منعقد اهم اجلاس دوران ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قومي معاشي ايجنڊا اڏام پاڪستان تحت پاڪستان صنعتي انقلاب 4.0 ۽ 5.0 مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهري ٿو، ان مقصد لاءِ نيشنل سينٽر آف نيو مينيوفيڪچرنگ ذريعي چين جي جدت، آٽوميشن ۽ روبوٽڪس جي شعبن ۾ حاصل ٿيندڙ تجربن ۽ مهارتن مان فائدو کڻڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو معاشي چئلينج ڪمزور روانگي واپار آهي، چين ساليانو اٽڪل 2.6 ٽريلين ڊالرن جو روانگي واپار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي چين کي روانگي واپار هن وقت اٽڪل 3 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته جهڙي طرح سي پيڪ فيز ون پاڪستان جي انرجي خساري کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏني اهڙي طرح سي پيڪ فيز ٽو جو هدف ملڪ جي ايڪسپورٽ خساري جو خاتمو آهي. هن چيو ته سي پيڪ 2.0 تحت بي ٽو بي تعاون، ٽيڪنالاجي منتقلي، صنعتي جديدڪاري، زرعي ترقي ۽ ويليو ايڊيشن تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي به پاڪ چين معاشي تعاون ۾ فعال طور شامل ڪيو ويندو. چين جي اڪنامڪ افيئرز پريس جي سينئر ايڊوائيزر سن ڊونگ شينگ سي پيڪ جي پهرين مرحلي جي ڪاميابين جي تعريف ڪئي ۽ صنعت، زراعت ۽ ايس ايم ايز جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ سي پيڪ 2.0 تحت صنعتي ۽ زرعي جديدڪاري، ٽيڪنالاجي، بي ٽو بي رابطن ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ادارن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو واضح هدف سي پيڪ 2.0 جي 5 اقتصادي راهدارين کي اڏام پاڪستان جي فائيو ايز فريم ورڪ سان مڪمل طور تي هم آهنگ ڪرڻ آهي ته جيئن ملڪ کي جديد صنعتي، زرعي ۽ فني معيشت جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کي ملڪ جي معاشي ترقي، روانگي واپار ۾ اضافي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ جو اهم ذريعو بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم جاري رکندي.











