اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي قيادت جي ملاقات ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، نجي شعبي جي شموليت، سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ نئين سر تنظيم سازي، ٽيڪس سڌارن ۽ حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ ايجنڊا تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته پي بي سي معاشي سڌارن ۽ نجي شعبي جي ڪردار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ …
ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد سان پي بي سي قيادت جي ملاقات، سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ معاشي سڌارن تي ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي قيادت جي ملاقات ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، نجي شعبي جي شموليت، سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۽ نئين سر تنظيم سازي، ٽيڪس سڌارن ۽ حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ ايجنڊا تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته پي بي سي معاشي سڌارن ۽ نجي شعبي جي ڪردار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ پنهنجون سفارشون حڪومت کي پيش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. خرم شهزاد اڱاري تي ناڻي وزارت ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين زيد بشير ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جاويد قريشي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سيرپڪاري کي هٿي ڏيڻ، نجي شعبي جي شموليت مضبوط بڻائڻ ۽ حڪومت جي وسيع تر ڍانچا جاتي سڌارن واري ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻ لاءِ قدمن تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ معاشي سڌارن جي اهم معاملن تي غور ڪيو ويو، جن ۾ حڪومت جو جاري نجڪاري پروگرام، سرڪاري ادارن جي نئين سر تنظيم سازي، واپاري سرگرمين ۾ حڪومت جي ڪردار کي محدود ڪرڻ جا قدم شامل هئا. شرڪت ڪندڙن بجلي جي ورهاست وارين ڪمپنين، بئنڪن ۽ هوائي اڏن جي تجويز ڪيل نجڪاري تي به ڳالهيون ڪيون، جنهن جو مقصد ڪارڪردگي ۾ بهتري، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ نجي شعبي جي وڌ کان وڌ شموليت ذريعي خدمتن جي فراهمي جو معيار بهتر بڻائڻ آهي. اجلاس ۾ وڏن سرڪاري ادارن کي شوعاتي عوامي آڇ ذريعي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي امڪانن تي به بحث ٿيو، جن ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن به شامل آهي. ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته نجي ۽ اداره جاتي سيڙپڪارن جي وڌيڪ کان وڌي شموليت سان ڪارپوريٽ گورننس، شفافيت ۽ آپريشنل ڪارڪردگي ۾ بهتر سان گڏوگڏ سرمائي تائين پهچ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته مارڪيٽ تي ٻڌل معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جي حڪومتي مقصد کي به سگهه ملندي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي قيادت حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ ايجنڊا جي حمايت جو اظهار ڪندي هڪ مختصر، موثر ۽ وڌيڪ ڌيان طلب سرڪاري شعبن جي اهميت تي زور ڀريو. پي بي سي نجڪاري، سيڙپڪاري ادارن جي نئين سر تنظيم سازي، رائيٽ سائيزنگ ۽ ٻين اهڙن شعبن جي حوالي سان پنهنجون تفصيلي تجويزون ۽ سفارشون حڪومت سان شيئر ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو، جتي نجي شعبي جي وڌ کان وڌ شموليت معاشي ڪارڪردگي ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ملاقات ۾ ٽيڪس نظام کي معقول بڻائڻ ۽ وچولي درجي لاءِ ٽيڪس پاليسي فريم جي جوڙجڪ تي ڳالهيون ڪيون ويون. پي بي سي قيادت نجي شعبي ۽ ڪاروباري ادارن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن، خاص ڪري روانگي واپار ڪندڙن جي مدد، چٽاڀيٽي صلاحيت ۾ اضافي، ڪاروباري لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري توسيع جي حوصلا افزائي جي قدمن جي آجيان ڪئي. خرم شهزاد پي بي سي پاران تعاون ۽ موثر شموليت جي تعريف ڪندي چيو ته معاشي پاليسين ۽ سڌارن جي جوڙجڪ ۾ ڪاروباري بيرادري سان مسلسل مشاورت انتهائي اهم آهي. ٻنهي ڌرين پاران ان ڳالهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو ويو ته سڌاراجاتي عمل کي اڳيان وڌائڻ، سيڙپڪارن جي اعتماد کي مضبوط بڻائڻ ۽ اهڙيون پاليسيون جوڙڻ لاءِ حڪومت ۽ ڪاروباري برادري وچ ۾ مسلسل رابطا برقرار رکيا وڃن جيڪي نجي شعبي جي سيڙپڪاري، چٽاڀيٽي ۽ پائيدار معاشي ترقي کي هٿي ڏين.











