اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت حج 2027ع لاءِ 16 نومبر 2027ع تائين موثر پاڪستاني پاسپورٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وقت سر پاسپورٽ جي تجديد نه ڪرائيندڙ ماڻهو حج درخواست کان محروم ٿي سگهن ٿا. مذهبي معاملن واري وزارت موجب 17 آگسٽ کان سرڪاري ۽ نجي حج درخواستن جي وصولي لاءِ موثر پاسپورٽ لازمي هوندو. مذهبي معاملن واري وزارت اڳ ئي حج 2027ع …
مذهبي معاملن واري وزارت حج 2027ع لاءِ 16 نومبر 2027ع تائين موثر پاڪستاني پاسپورٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت حج 2027ع لاءِ 16 نومبر 2027ع تائين موثر پاڪستاني پاسپورٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وقت سر پاسپورٽ جي تجديد نه ڪرائيندڙ ماڻهو حج درخواست کان محروم ٿي سگهن ٿا. مذهبي معاملن واري وزارت موجب 17 آگسٽ کان سرڪاري ۽ نجي حج درخواستن جي وصولي لاءِ موثر پاسپورٽ لازمي هوندو. مذهبي معاملن واري وزارت اڳ ئي حج 2027ع جي خواهشمند ماڻهن کي درخواست ڪري چڪي آهي ته پاسپورٽ جو مدو 16 نومبر 2027ع کان اڳ ختم ٿيڻ تي فوري تجديد ڪرائين. حج پانڌيئڙن جي پاسپورٽ جي ترجيحي بنيادن تي تجديد جاري آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي درخواست تي پاسپورٽ آفيس کي حج پانڌيئڙن کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن پاران ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ پاسپورٽ آفيس کي حج درخواستگذارن کي فوري سهولت فراهم ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن. پاسپورٽ جي وقت سر تجديد نه ڪرائيندڙ حج 2027ع جي درخواست کان محروم ٿي سگهن ٿا. حج 2027ع جي رجسٽريشن کان اڳ پاسپورٽ جو مدو ضرور چيڪ ڪيو.











