بدين - 11 آگسٽ (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس ضلعي بدين پاران بدين انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ اينڊ الائيڊ هيلٿ سائنسز ۾ ڪم ڪار وارين جاين تي عورتن کي هراسان ٿيڻ کان تحفظ واري قانون 2010ع (ايڪٽ نمبر IV آف 2010) بابت آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو سيمينار جو بنيادي مقصد شاگردن، فيڪلٽي ميمبرن، انتظامي عملي ۽ ملازمن کي ڪم جي هنڌ تي هراسان ڪرڻ خلاف قانوني …
صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس پاران بدين ۾ ڪم واري جاين تي عورتن کي هراسان ٿيڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ واري قانون بابت آگاهي سيمينار

مزید خبریں
بدين – 11 آگسٽ (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس ضلعي بدين پاران بدين انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ اينڊ الائيڊ هيلٿ سائنسز ۾ ڪم ڪار وارين جاين تي عورتن کي هراسان ٿيڻ کان تحفظ واري قانون 2010ع (ايڪٽ نمبر IV آف 2010) بابت آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو سيمينار جو بنيادي مقصد شاگردن، فيڪلٽي ميمبرن، انتظامي عملي ۽ ملازمن کي ڪم جي هنڌ تي هراسان ڪرڻ خلاف قانوني تحفظ، ملازمن جي حقن ۽ محفوظ، باعزت، برابري ۽ احترام تي ٻڌل پيشوراڻي ماحول جي اهميت بابت آگاهي فراهم ڪرڻ هو، سيمينار کي اڳوڻي ضلعي ۽ سيشن جج سليم رضا بلوچ ايڪٽ IV آف 2010ع جي قانوني فريم ورڪ، اهم شقن ۽ ڪم جي هنڌ تي هراسان ڪرڻ جي روڪٿام لاءِ اثرائتن قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته هن قانون جو بنيادي مقصد عورتن خلاف هراسان ڪرڻ ۽ امتيازي رويي جو خاتمو آڻڻ آهي، ته جيئن عورتون پنهنجي پيشوراڻيون ذميواريون عزت، اعتماد ۽ ذهني سڪون سان انجام ڏئي سگهن. سليم رضا بلوچ چيو ته ”خاموشي ٽوڙڻ، هراسان ڪرڻ جي خاتمي ڏانهن پهريون ۽ اهم قدم آهي.“ هن شڪايت داخل ڪرڻ جي قانوني طريقيڪار، اداري جي انڪوائري ڪميٽي جي ڪردار ۽ صوبائي محتسب وٽ شڪايت جمع ڪرائڻ جي طريقيڪار بابت پڻ تفصيلي آگاهي ڏني. هن وڌيڪ ٻڌايو ته قانون شڪايت ڪندڙ جي سڃاڻپ جي مڪمل رازداري کي يقيني بڻائي ٿو ۽ ڪنهن به قسم جي انتقامي ڪارروائي خلاف مڪمل تحفظ فراهم ڪري ٿو سيمينار ۾ بدين انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ اينڊ الائيڊ هيلٿ سائنسز جي انتظاميا، فيڪلٽي ميمبرن، شاگردن ۽ عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اداري جي انتظاميا پاران آگاهي سيمينار کي ساراهيندي هر قسم جي هراسان ڪرڻ خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪرڻ ۽ سڀني لاءِ محفوظ، باعزت، جامع ۽ برابري تي ٻڌل تعليمي ۽ پيشوراڻي ماحول فراهم ڪرڻ واري عزم جو اظهار ڪيو ويو.











