اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت هارون اختر جي وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت صلاحڪار جي حيثيت سان مقرري جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت کيس وفاقي وزير جو درجو حاصل هوندو. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري بيان موجب هارون اختر خان جي مقرري صدر پاران ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪابينا ڊويزن ان حوالي سان باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو …
حڪومت پاران هارون اختر جي وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت صلاحڪار جي حيثيت سان مقرري جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت هارون اختر جي وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت صلاحڪار جي حيثيت سان مقرري جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت کيس وفاقي وزير جو درجو حاصل هوندو. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري بيان موجب هارون اختر خان جي مقرري صدر پاران ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪابينا ڊويزن ان حوالي سان باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. هارون اختر فوري طور تي وزيراعظم جي صلاحڪار جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو ۽ صنعت ۽ پيداوار جو قلمدان به وٽس رهندو. هارون اختر خان جو ڪاروباري ڪاميابي ۽ عوامي خدمت جو نمايان رڪارڊ آهي. هو ٻه ڀيرا سينيٽر ۽ ٻه ڀيرا پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي چڪو آهي. هارون اختر ڪئناڊا جي يونيورسٽي آف مينو ٽوبا مان ايڪچوريل سائنس ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽر آف سائنس جي ڊگري حاصل ڪئي. هو سوسائٽي آف ايڪچوريز (آمريڪا) ۽ ڪينيڊين انسٽيٽيوٽ آف ايڪچوريز جو فيلو پڻ آهي. پيشيواراڻي قابليت حاصل ڪرڻ جي وقت هو ايڪچوري جي شعبي جي تاريخ ۾ گهٽ عمر ترين ايڪچوري بڻيو. پاڪستان واپسي کان اڳ هن آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڪارپوريٽ گورننس، معاشيات، منصوبابندي ۽ اڳڪٿي، ماڊلنگ ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ وسيع تجربو حاصل ڪيو. 2015ع کان 2018ع تائين هن اوڳاڙين بابت خاص معاون جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون جتي کيس وفاقي وزير جو درجو حاصل هو. 2006ع کان 2012ع تائين سينيٽر جي حيثيت سان هن اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ بطور سينيئر ميمبر خدمتون سرانجام ڏنيون جن ۾ ناڻي، اقتصادي معاملن، اوڳاڙين، شماريات، منصوبابندي ۽ ترقي، واپار، صنعت ۽ پيداوار، پيٽروليم، قدرتي وسيلن ۽ معدنيات ۽ راندين، ثقافت ۽ سياحت شامل آهن. ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل ڪاروباري برادري ۽ صنعتي اڳواڻن سان مسلسل رابطن هارون اختر خان کي معاشيات، ڪاروبار، صنعت ۽ عوامي شعبي جي مختلف ميدانن ۾ وسيع تجربو فراهم ڪيو آهي. پنهنجي شاندار ڪيريئر دوران هن بزنس ٽو بزنس ۽ بزنس ٽو گورنمينٽ جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سيڙپڪارن، صنعتڪارن ۽ ريگيوليٽرز کي هڪ گڏيل پليٽ فارم تي آڻڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا. انهن ڪوششن جي ذريعي هن سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي، صنعتي حصيداري جي فروغ ۽ پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي دائري ۽ امڪانن کي سگهه ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي.











