پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتون تعليم، صحت، دفاع واپار سميت سمورن زندگي جي شعبن ۾ قابل قدر خدمتون انجام ڏئي رهيون آهن: سردار اياز صادق

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي ايسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادري جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتون تعليم، صحت، دفاع، واپار سميت سمورن زندگي جي شعبن ۾ قدر جوڳيون خدمتون انجام ڏئي رهي آهي. آئين جي آرٽيڪل 25 تحت سمورا شهري قانون جي نظر ۾ بنا ڪنهن رنگ، نسل، جنس ۽ مذهب …

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي ايسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادري جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتون تعليم، صحت، دفاع، واپار سميت سمورن زندگي جي شعبن ۾ قدر جوڳيون خدمتون انجام ڏئي رهي آهي. آئين جي آرٽيڪل 25 تحت سمورا شهري قانون جي نظر ۾ بنا ڪنهن رنگ، نسل، جنس ۽ مذهب جي برابر آهن ۽ قانوني تحفظ جا برابر جا حقدار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، جيڪو هر سال 11 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ گڏيل جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي. سردار اياز صادق چيو ته اقليتن جو قومي ڏينهن اسان کي گڏيل احترام، رواداري، مذهبي هم آهنگي ۽ قومي يڪجهتي  کي هٿي ڏيڻ جي عزم جي تجديد فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته 11 آگسٽ 1947ع تي دستور ساز اسيمبلي کي پنهنجي تاريخي خطاب ۾ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح فرمايو ته هر شهري پنهنجي مذهب تي عمل  ڪرڻ، پنهنجي عبادتگاهن ۾ وڃڻ ۽ پنهنجي عقيدي مطابق زندگي گذارڻ لاءِ آزاد  آهي. سندس چوڻ هو ته قائداعظم جو اهو تاريخي خطاب پاڪستان  ۾ مذهبي آزادي، برابري، برداشت ۽  قانون جي حڪمراني تي ٻڌل هڪ اهڙي معاشري جو بنياد فراهم ڪري ٿو جتي سمورن شهرين کي بنا ڪنهن فرق جي رنگ ۽ نسل ۽ مذهبي برابري جا حق حاصل آهن. هن چيو ته پاڪستان قائداعظم جي ان ويزن تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ هتي رهندڙ سمورن شهرين کي مڪمل مذهبي آزادي سميت برابري جا حق حاصل آهن. اسپيڪر چيو ته  پاڪستان جي پارليامينٽ هميشه اقليتي برادي جي حقن جي تحفظ، بين المذهب هم آهنگي ۽ برابر موقعن  جي فراهمي لاءِ اثرائتي قانون سازي ڪئي، قومي اسيمبلي ۾ اقليتي پارليامينٽ جا ميمبر قانون سازي ۽ قومي معاملن  ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جيڪو پاڪستان جي جهموري ۽ شموليتي نظام جي مضبوطي جو  مظهر آهي. سردار اياز صادق پاڪستاني غير مسلم شخصيتن جو ذڪر ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي جو  اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر سي اي گبن، پنجاب اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر ايس پي سنگها، جسٽس اي آر ڪارنيليئس، جسٽس دراب پٽيل،  جسٽس رانا ڀڳوان داس، ڊاڪٽر رُٿ فا، پاڪ فضائيه جو اسڪواڊرن ليڊر سيسل چوڌري، پاڪ فضائيه جو گروپ ڪيپٽن ڪامران بشير ۽ مشهور سفارتڪار جمشيد مارڪر سميت ٻين مشهور غير مسلم شخصيتن  زندگي جي مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏنيون جيڪي اسان جي قومي تاريخ جو فخر جوڳو حصو آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مضبوط ترقي يافته ۽ خوشحال پاڪستان جو بنياد برابري، انصاف، مذهبي آزادي ۽ سمورن شهرين جي هڪجهڙي شموليت تي ٻڌل آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پارليامينٽ اقليتن جي آئيني حقن جو تحفظ، مذهبي روادراري کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي يڪجهتي کي وڌيڪ مستحڪم  بڻائڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي رهندي.

مزید خبریں