ڪراچي- 11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادرين جو ڪردار فخر جوڳو آهي، اقليتي برادرين قيامِ پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ مختلف شعبن ۾ نمايا خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. قومي اقليتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته تعليم، صحت، واپار، صنعت سميت سمورن شعبن ۾ اقليتي …
سنڌ ۽ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادرين جو ڪردار فخر جوڳو آهي: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي- 11 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۽ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتي برادرين جو ڪردار فخر جوڳو آهي، اقليتي برادرين قيامِ پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ مختلف شعبن ۾ نمايا خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. قومي اقليتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته تعليم، صحت، واپار، صنعت سميت سمورن شعبن ۾ اقليتي برادرين شاندار خدمتون انجام ڏنيون آهن. سنڌ جي صوفي روايت محبت، رواداري، احترام ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي. سيد مراد علي شاهه چيو ته قائداعظم محمد علي جناح سمورن شهرين جي برابري وارن حقن ۽ مذهبي آزادي جو واضح تصور ڏنو هو. پاڪستان جي سبز هلالي پرچم ۾ سائو رنگ مسلمان اڪثريت ۽ اڇو رنگ اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته قائداعظم جي ويزن موجب پاڪستان ۾ هر شهري کي مذهب جي فرق کانسواءِ برابر حق حاصل هئڻ گهرجن. قائداعظم 11 آگسٽ 1947ع تي ملڪ هلائڻ جو واضح نظريو پيش ڪيو هو، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري 11 آگسٽ 2009ع تي قومي اقليتي ڏهاڙو قرار ڏئي اقليتن جي حقن جي تحفظ واري عزم کي اجاگر ڪيو. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه اقليتي برادرين جي حقن، برابري ۽ مذهبي آزادي جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ جمهوري، برابري ۽ رواداري واري پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪئي، سندس ويزن ۾ هر شهري کي بنا فرق جي برابر حق ۽ باعزت زندگي گذارڻ جو حق حاصل هو. سيد مراد علي شاهه چيو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اقليتن جي برابر حقن ۽ مذهبي آزادي جي تحفظ لاءِ مضبوط آواز آهي. سنڌ حڪومت اقليتي برادرين جي برابري وارن حقن، تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سمورن شهرين کي مذهب، عقيدي ۽ برادري کان مٿانهون ٿي برابر حق حاصل آهن. اقليتي برادرين جي عبادتگاهن، جان ۽ مال ۽ مذهبي آزادي جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ اقليتن خلاف ڪنهن به قسم جي زيادتي، امتيازي سلوڪ يا نا انصافي برداشت نه ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ترقي ۾ اقليتي برادرين جي شرڪت ۽ نمائندگي اسان جي اجتماعي طاقت آهي. پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام جي سفر ۾ اقليتي برادرين برابر جون شريڪ آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته هن ڏينهن تي اسان اقليتي برادرين جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي سندن حقن جي تحفظ واري عزم جي تجديد ڪريون ٿا.









