پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙ شهرين جي خدمت ۽ ڪردار قدر جوڳو آهي: آصفه ڀٽو زرداري

اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي سڄي پاڪستان جي سموري اقليتي برادرين کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙ شهرين جي خدمت ۽ ڪردار قدر جوڳو آهي. اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پنهنجي …

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي سڄي پاڪستان جي سموري اقليتي برادرين کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ سمورن مذهبن سان تعلق رکندڙ شهرين جي خدمت ۽ ڪردار قدر جوڳو آهي. اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هي ڏينهن ملڪ جي لاءِ اقليتي برادرين جي اڻٿڪ خدمتن ۽ ڪردار کي تسليم ڪرڻ ۽ ان عزم جي ورجاءُ جو موقعو آهي ته هر شهري قومي برادري جو برابر ميمبر آهي. خاتون اول چيو ته اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهن تعليم، صحت، قانون، عوامي خدمت، ڪاروبار، هٿياربند فوج، فنون، راندين ۽ ٻين شعبن ۾ ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، انهن جون ڪاميابيون پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي داستان جو اهم حصو آهن. هن چيو ته برابري جو عملي اظهر هر شهري کي حاصل حقن ۽ موقعن ۾ ٿيڻ گهرجي، قانون کي سمورن شهرين کي هڪ جهڙو تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ هر پاڪستاني کي مذهب جي بنياد تي ڪنهن فرق کانسواءِ ملڪ جي سماجي، معاشي ۽ شهري زندگي ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا حاصل هجڻ گهرجن. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته نوجوانن ۽ عورتن جو وڌيڪ جامع ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير ۾ خصوصي ڪردار آهي. اسان کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ نوجوانن کي تعليم حاصل ڪرڻ، پنهنجون صلاحيتون نکارڻ ۽ ملڪ جي مستقبل ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جا برابر موقعا ميسر هجن. هن چيو ته اقليتي عورتن کي به تعليم، روزگار ۽ عوامي زندگي ۾ ڀرپور شرڪت ۽ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن. خاتون اول چيو ته سمورن ادارن ۽ معاشري جي سمورن طبقن جي ذميواري آهي ته برابري ۽ انصاف جي اصولن کي برقرار رکيو وڃي، هر شهري سان منصفاڻو سلوڪ يقيني بڻايو وڃي ۽ ان کي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي. هن خاندانن، تعليمي ادارن، برادرين ۽ عوامي ادارن تي زور ڏنو ته اهي شهرين جي وچ ۾ احترام، گڏيل سمجهه ۽ برابر سلوڪ کي فروغ ڏين. سندس چوڻ هو ته اڄ نوجوانن کي جيڪي قدر سيکاريا ويندا، اهي ئي مستقبل ۾ ان جي تعمير ڪيل پاڪستان جي صورت گري ڪندا. آصفه ڀٽو زرداري اقليتين برادرين جي خدمتن ۽ ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن جي مسلسل ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته پاڪستان پنهنجي سمورن شهرين جي لاءِ برابري، احترام ۽ هڪ جهڙن موقعن سان مسلسل ترقي طرف گامزن رهي.