وزيراعظم پاران ڪولمبيا ۾ شديد زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ وڏي پيماني تي تباهي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪولمبيا ۾ شديد زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ وڏي پيماني تي تباهي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾، وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي طرفان صدر ابيلاردو ڊي لا ايسپيريلا، ڪولمبيا جي عوام ۽ انهن سڀني خاندانن سان دلي تعزيت ۽ …

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪولمبيا ۾ شديد زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان ۽ وڏي پيماني تي تباهي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾، وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جي طرفان صدر ابيلاردو ڊي لا ايسپيريلا، ڪولمبيا جي عوام ۽ انهن سڀني خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريان ٿو جِن پنهنجن پيارن کي هِن سانحي ۾ وڃايو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جون دعائون زخمين ۽ هن سانحي کان متاثر ٿيندڙ سڀني ماڻهن سان گڏ آهن، پاڪستان هن مُشڪل وقت ۾ ڪولمبيا جي عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.