وزيراعظم پاران سڄي ملڪ جي ڪسٽمز بانڊڊ گودامن جو ٽن سالن جي آزاداڻي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت

اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ جي ڪسٽمز بانڊڊ گودامن جو ٽن سالن جي آزاداڻي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪسٽمز بانڊڊ گودامن ۾ ڪنهن به بي ضابطگي جي گنجائش نه  آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب، وزيراعظم اها ڳالهه اڱاري تي پنهنجي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معاملن جو جائزو وٺڻ واري اجلاس …

اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ جي ڪسٽمز بانڊڊ گودامن جو ٽن سالن جي آزاداڻي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪسٽمز بانڊڊ گودامن ۾ ڪنهن به بي ضابطگي جي گنجائش نه  آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب، وزيراعظم اها ڳالهه اڱاري تي پنهنجي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معاملن جو جائزو وٺڻ واري اجلاس دوران چئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته ڪنهن به بي ضابطگي ۽ غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف قانُون مُوجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ڪسٽم بانڊڊ گودامن ۽ ان لينڊ روينيو انفورسمينٽ بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪسٽمز گودامن ۾ پيٽروليم شين سان لاڳاپيل ڪارگو جي نگراني وي-باڪ سسٽم سان ڳنڍيل آهي، بانڊڊ واپار ملڪ جي ڪل آمدني واپار جو 16.5 سيڪڙو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايتن تي  سڄي ملڪ جي ڪسٽم بانڊڊ گودامن جي ذخيري جي سامهُون تصديق ڪرائي ويندي ويندي، انهن جي لائسنسنگ ۽ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڪسٽمز بانڊڊ گودامن جي ويليويشن ٽيسٽنگ ڪرائي ويندي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سسٽمز جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪسٽمز بانڊڊ گودامن ۾ بي ضابطگين کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم ڊويزن واري وزير علي پرويز ملڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه، وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر، قومي اسيمبلي جي ميمبر عثمان اويسي، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.