لاهور- 09 آگسٽ (اي پي پي) ايف آءِ ايڇ مينز هاڪي ورلڊڪپ 2026ع ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم لاهور مان روانو ٿي وئي آهي. عالمي ڪپ 15 کان 30 آگسٽ تائين نيدرلينڊز ۽ بيلجيئم ۾ گڏيل طور منعقد ڪيو پيو وڃي. پي ايچ ايف روانگي کان اڳ ئي رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف کي 2 ڪروڙ روپين جو فارن ڊيلي الائونس اڳواٽ سندن بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪري …
ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ قومي هاڪي ٽيم روانو

مزید خبریں
لاهور- 09 آگسٽ (اي پي پي) ايف آءِ ايڇ مينز هاڪي ورلڊڪپ 2026ع ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم لاهور مان روانو ٿي وئي آهي. عالمي ڪپ 15 کان 30 آگسٽ تائين نيدرلينڊز ۽ بيلجيئم ۾ گڏيل طور منعقد ڪيو پيو وڃي. پي ايچ ايف روانگي کان اڳ ئي رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف کي 2 ڪروڙ روپين جو فارن ڊيلي الائونس اڳواٽ سندن بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. فيڊريشن جو مقصد رانديگرن کي مالي خدشن کان آزاد رکي مڪمل ڌيان ميدان عمل ۾ ڪارڪردگي تي ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي.











