اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڏکڻ وزيرستان ۽ دير ۾ آپريشنز دوران 10 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت جي تعريف ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جون …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران ڏکڻ وزيرستان ۽ دير ۾ آپريشنز دوران 10 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ڏکڻ وزيرستان ۽ دير ۾ آپريشنز دوران 10 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت جي تعريف ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ۽ ڪاميابيون سڄي قوم لاءِ فخر جو سبب آهن، ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو خدمتون تعريف جوڳيون آهن، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سڄي قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن دهشتگردي خلاف جاري آپريشنز جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي امن کي نقصان پهچائيندڙ عنصر پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. هن دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










