سول ايوارڊز لاءِ نامزد شخصيتن جو حتمي جائزو مڪمل، ميرٽ ۽ اولين ترجيح آهي: احسن اقبال

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان سول ايوارڊز ڪميٽي پاڪستان جي آئين ۽ مقرر اصولن مطابق سائنس، تعليم، ادب، فن ۽ عوامي خدمت جي شعبن ۾ غير معمولي خدمتون انجام ڏيندڙ شخصيتن جي نامزدگين جو حتمي جائزو ورتو آهي. پاڪستان سول ايوارڊز ڪميٽي جي صدارت ڪندي هن چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح …

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان سول ايوارڊز ڪميٽي پاڪستان جي آئين ۽ مقرر اصولن مطابق سائنس، تعليم، ادب، فن ۽ عوامي خدمت جي شعبن ۾ غير معمولي خدمتون انجام ڏيندڙ شخصيتن جي نامزدگين جو حتمي جائزو ورتو آهي. پاڪستان سول ايوارڊز ڪميٽي جي صدارت ڪندي هن چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح شفاف ميرٽ جي بنياد تي انهن قومي هيروز کي اعزاز سان نوازڻ آهي جن پنهنجي صلاحيتن، محنت ۽ خدمت ذريعي پاڪستان جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو. هن چيو ته جڏهن قوم پنهنجي حقيقي معمارن، محسنن کي عزت ۽ احترام ڏئي ٿي ته اهو ئي اعتراف ايندڙ نسلن لاءِ تحريڪ، حوصلي ۽ ملڪ جي خدمت جي جذبي کي هٿي ڏيڻ جو اثرائتو ذريعو بڻجندو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته سول ايوارڊز جو عمل مڪمل شفافيت، انصاف ۽ ميرٽ جي اصولن مطابق جاري رکيو ويندو ته جيئن قومي خدمت انجام ڏيندڙ شخصيتن جو ڀرپور اعتراف ڪري سگهجي.