وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران ڏکڻ وزيرستان ۽ دير ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڏکڻ وزيرستان ۽ دير ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وطن جي امن ۽ استحڪام لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ اسان جا جوان پوري قوم جو فخر آهي، …

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ڏکڻ وزيرستان ۽ دير ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته وطن جي امن ۽ استحڪام لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ اسان جا جوان پوري قوم جو فخر آهي، دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين رياست، حڪومت ۽ سڄي قوم پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، آپريشن عزم استحڪام تحت دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جي ناپاڪ اردارن کي هر قيمت تي ناڪام بڻايو ويندو ۽ پاڪستان جي امن، سلامتي ۽ استحڪام تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، الله تعاليٰ اسان جي بهادر جوانن جي حفاظت فرمائي ۽ پاڪستان کي هميشه امن جو گهوارو بڻائي.