حيدرآباد ۾ جشنِ آزادي جي حوالي سان ايم ڪيو ايم(پاڪستان) پاران ڪينٽ ٽائون ۾ پرچم ڪشائي ۽ ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب منعقد

حيدرآباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) جشنِ آزادي جي حوالي سان ايم ڪيو ايم ڪينٽ ٽائون جي وارڊ ممتاز ڪالوني ۾ پرچم ڪشائي ۽ ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم (پاڪستان) حيدرآباد جي جوائنٽ انچارج نديم قاضي، ضلعي ڪميٽي جي ميمبرن، ضلعي ميمبرن ۽ پي ايس 65 تان ٽڪيٽ هولڊر ڪامران شفيق سميت ٽائون ۽ يو سي جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن ۽ عوام وڏي …

حيدرآباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) جشنِ آزادي جي حوالي سان ايم ڪيو ايم ڪينٽ ٽائون جي وارڊ ممتاز ڪالوني ۾ پرچم ڪشائي ۽ ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم (پاڪستان) حيدرآباد جي جوائنٽ انچارج نديم قاضي، ضلعي ڪميٽي جي ميمبرن، ضلعي ميمبرن ۽ پي ايس 65 تان ٽڪيٽ هولڊر ڪامران شفيق سميت ٽائون ۽ يو سي جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن ۽ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي نديم قاضي چيو ته پاڪستاني قوم لاءِ هي پاڪ سرزمين الله پاڪ جو هڪ انمول تحفو آهي. هن چيو ته جشنِ آزادي جون تقريبون اهو عهد ڪرڻ جو پيغام آهن ته اسان پنهنجي پاڪ وطن لاءِ ڪجهه به قربان ڪري سگهون ٿا. ان موقعي تي ڪامران شفيق خطاب ڪندي چيو ته منهنجي سڃاڻپ پاڪستان، منهنجو وقار پاڪستان، پاڪستان تي قربان ۽ پاڪستان زنده باد آهي ۽ هميشه رهندو. هن چيو ته آزاديءَ جو ڏينهن هڪ عهد جو ڏينهن آهي ۽ اهو عهد پاڪستان جي تحفظ، ترقي ۽ خوشحاليءَ تي ٻڌل آهي.