مڪه مُڪرمه- 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، عطاءُ الله تارڙ، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪستاني وفد مڪه مُڪرمه ۾ عمرو ادا ڪيو. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب عمرو ادا ڪرڻ کان اڳ …
وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزيرن ۽ پاڪستاني وفد عمرو ادا ڪيو
مڪه مُڪرمه- 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزير خواجه محمد آصف، عطاءُ الله تارڙ، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪستاني وفد مڪه مُڪرمه ۾ عمرو ادا ڪيو. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب عمرو ادا ڪرڻ کان اڳ پاڪستاني وفد کي ڪعبه شريف جي خاص زيارت جي سعادت حاصل ڪئي. عمره جي ادائگي کانپوءِ وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ پاڪستاني وفد ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي، مسلمان امت جي سلامتي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ دعا گهري.











