اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مڇي ۽ سامونڊي غذائي مصنوعات جي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ قدمن جو جائزو وٺندي ڪارڪردگي سان مشروط برآمدي مراعتن واري اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو، جنهن جو مقصد موجوده ٽيڪس نظام برقرار کندي روانگي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي. …
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ مڇي ۽ سامونڊي غذائي مصنوعات جي روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ قدمن جو جائزو وٺندي ڪارڪردگي سان مشروط برآمدي مراعتن واري اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو، جنهن جو مقصد موجوده ٽيڪس نظام برقرار کندي روانگي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي. وزارت مان جاري پريس رليز مطابق جمعي ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ وفاقي وزير چيو ته تجويز ڪيل پرفارمنس بيسڊ انڪريمينٽل ايڪسپورٽ انيشيٽو اسڪيم تحت روانگي واپار ڪندڙن کي اضافي روانگي واپار تي مراعتون ڏنيون وينديون جڏهن ته موجوده ٽيڪس ڍانچي ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان جي ماهيگيري جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جو هي مناسب وقت آهي، موثر مراعتن ۽ روانگي واپار ڪندڙن سان ويجهو رابطو سامونڊي غذائي مصنوعات جو روانگي واپار وڌائڻ ۽ قومي معيشت ۾ ان شعبي جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. تجويز ڪيل اسڪيم جو تفصيلي جائزو وٺندي فشريز کاتي جي ڪمشنر ڊاڪٽر محمد حفيظ الرحمان جي سربراهي 4 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنهن ۾ ڪورنگي فش هاربر اٿارٽي جو ڊي جي ڊاڪٽر شاهد، ميرين فشريز کاتي جو ڊي جي ڊاڪٽر منصور وساڻ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر فشريز محمد فرحان خان شامل آهن. ڪميٽي هڪ هفتي اندر پهنجون سفارشون وفاقي وزير کي پيش ڪندي. ان کان علاوه نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مڇي جو روانگي واپار ڪندڙن لاءِ قومي ايوارڊز جون تجويزون به تيار ڪيون وينديون ۽ صنعت سان واڳيل اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ اسڪيم جو حتمي فريم ورڪ جوڙيو ويندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته مالي سال 26-2025ع دوران پاڪستان جي سامونڊي غذائي مصنوعات جو روانگي واپار 568 ملين آمريڪي ڊالر تائين پهچي ويو، جڏهن ته علائقائي مخالف ملڪ ان شعبي ۾ وڌيڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته ماهيگيري جو شعبو روانگي واپار جي آمدني ۽ روزگار جو اهم ذريعو آهي ۽ حڪومت روانگي واپار ۾ اضافي، معيار جي بهتري ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي موجودگي وڌائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهيو آهي.










