اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير جي پونڇ ضلعي ۽ پلندري ۾ چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير جي عام چونڊ جي ٽئين مرحلي ۾ پونڇ ضلعي ۽ پلندري ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي. جمعي ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته آزاد ڪشمير حڪومت جي گهرو سيڪريٽري جي رپورٽ مطابق پونڇ ۽ سڌنوتي ۾ امن امان جي صورتحال بابت خدشا آهن، پونڇ ۽ پلندري …

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير جي عام چونڊ جي ٽئين مرحلي ۾ پونڇ ضلعي ۽ پلندري ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي. جمعي ڏينهن اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته آزاد ڪشمير حڪومت جي گهرو سيڪريٽري جي رپورٽ مطابق پونڇ ۽ سڌنوتي ۾ امن امان جي صورتحال بابت خدشا آهن، پونڇ ۽ پلندري ضلعي جي چونڊ تڪن ۾ 10 آگسٽ تي پولنگ نه ٿيندي، جڏهن ته باغ ضلعي جي ٽن چونڊ تڪن ۽ حويلي ضلعي جي هڪ تڪ ۾ پولنگ 10 آگسٽ تي ٿيندي. ترجمان چيو ته چونڊ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو امن امان جي صورتحال جي حوالي سان خدشن ۽ ڪجهه سياسي شخصيتن ۽ اميدوارن طرفان اليڪشن ڪميشن کي ڏنل درخواستن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته چونڊ جي نئين تاريخ جو اعلان ۽ نظرثاني ٿيل شيڊيول جو اعلان حالتن جو جائزو وٺڻ ۽ سمورن لاڳاپيل معاملن کي نظر ۾ رکندي بعد ۾ ڪيو ويندو.