اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جمعي ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 55 ھزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 25 ھزار 900 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 46 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جمعي ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 55 ھزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 25 ھزار 900 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 46 هزار 300 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 2 لک 61 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 39 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 73 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 53 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1547 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.408 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1204.25 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.510 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











