براڊپيڪ حادثي ۾ گم ٿي ويل 5 پرڏيهي جبل چاڙهن جون مَيتون اسڪردو کان اسلام آباد روانيون

اسڪردو- 07 آگسٽ (اي پي پي) براڊ پيڪ حادثي ۾ گم ٿي ويل 5 پرڏيهي جبل چاڙهن جون ميتون اسڪردو کان اسلام آباد روانو ڪيون ويون. براڊ پيڪ تي 31 جولاءِ تي برفاني ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 10 پرڏيهي جبل چاڙهو گم ٿي ويا هئا. خميس ڏينهن پاڪستان آرمي ايوي ايشن ۽ زميني سرچ ٽيمن جي گڏيل سرچ آپريشن دوران پنج پرڏيهي جبل چاڙهن جا لاش هٿ ڪيا ويا، …

اسڪردو- 07 آگسٽ (اي پي پي) براڊ پيڪ حادثي ۾ گم ٿي ويل 5 پرڏيهي جبل چاڙهن جون ميتون اسڪردو کان اسلام آباد روانو ڪيون ويون. براڊ پيڪ تي 31 جولاءِ تي برفاني ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 10 پرڏيهي جبل چاڙهو گم ٿي ويا هئا. خميس ڏينهن پاڪستان آرمي ايوي ايشن ۽ زميني سرچ ٽيمن جي گڏيل سرچ آپريشن دوران پنج پرڏيهي جبل چاڙهن جا لاش هٿ ڪيا ويا، جن کي لاڳاپيل ملڪن جي قومي جهنڊي ۾ ويڙهي اسڪردو کان هوائي جهاز ذريعي اسلام آباد روانو ڪيو ويو. اسلام آباد پهچڻ تي انهن کي لاڳاپيل سفاتخانن جي حوالي ڪيو ويندو. جتان انهن کي آباڻن ملڪن ڏانهن روانو ڪيو ويندو. پاڪ فوج ان سڄي عمل ۾ سول انتظاميه ۽ سفارتي اختيارين سان مڪمل سهڪار فراهم ڪري رهي آهي.

مزید خبریں