وزيراعظم پاران ڏکڻ وزيرستان ۽ دير ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مڪه مُڪرمه- 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان ۽ دير ضلعي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپاهين جي پيشيوراڻي صلاحيت، جرئت ۽ قربانين تي فخر ڪري ٿي، ڀارتي سرپرستي …

مڪه مُڪرمه- 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان ۽ دير ضلعي ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم فتنه الخوارج جي 10 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپاهين جي پيشيوراڻي صلاحيت، جرئت ۽ قربانين تي فخر ڪري ٿي، ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙ عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي هر قيمت تي ناڪام بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته آپريشن "عزم استحڪام” تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايُون ڀرپُور عزم سان جاري رهنديُون. حڪومت ۽ پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.