اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) ڪالعدم بلوچ لبريشن فرنٽ ۽ ٻين عسڪري تنظيمن جي ماڻهن جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ لاتعلقي اختيار ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. تفصيل موجب دهشتگرد تنظيم هٿان بليڪ ميل ٿيل دهشتگرد ارمان بلوچ چيو آهي ته دوست سان گڏ روزگار جي ڳولا ۾ ايران ويس، جتي دهشتگردن اغوا ڪري جبلن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو، جبلن ۾ ڪالعدم بلوچ لبريشن فرنٽ جي ڪمانڊر قمر …
فتنه الهندستان هٿان بليڪ ميل ٿيل دهشتگرد ارمان بلوچ جو دهشتگرد تنظيم سان لاتعلقي جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) ڪالعدم بلوچ لبريشن فرنٽ ۽ ٻين عسڪري تنظيمن جي ماڻهن جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ لاتعلقي اختيار ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. تفصيل موجب دهشتگرد تنظيم هٿان بليڪ ميل ٿيل دهشتگرد ارمان بلوچ چيو آهي ته دوست سان گڏ روزگار جي ڳولا ۾ ايران ويس، جتي دهشتگردن اغوا ڪري جبلن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو، جبلن ۾ ڪالعدم بلوچ لبريشن فرنٽ جي ڪمانڊر قمر بروهي سان ملاقات کانپوءِ دهشتگرد تنظيم ۾ شامل ٿيس. 6 مهينن تائين دهشتگرد تنظيم سان رهي ڪري عسڪري تربيت حاصل ڪئي ۽ تمپ ۽ بليده ۾ ٻن حملن ۾ شريڪ رهيس. ارمان بلوچ چيو ته بعد ۾ مون کي احساس ٿيو ته اهو رستو غلط آهي، ان ڪري تنظيم ڇڏي گهر واپس وڃڻ جي خواهش تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، آئنده ڪنهن به غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث نه ٿيندس ۽ رياستي ادارن کان معافي جو طلبگار آهيان. بلوچستان جا نوجوان دهشتگرد تنظيمن جي پروپيگندا ۽ ڪوڙن وعدن جي ڌوڪي ۾ نه اچن، نوجوانن کي اپيل آهي ته هو پنهنجي ملڪ سان وفادار رهن ۽ هڪ ذميوار شهري جي حيثيت سان زندگي گذارين.











