صدر پاران ڏکڻ وزيرستان ۽ دير ۾ فتنه الخوارج جي ڏهن دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڏکڻ وزيرستان ۽ دير ۾ فتنه الخوارج جي ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم ڏهن دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر ڏکڻ وزيرستان جي اعظم ورسڪ علائقي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتين …

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڏکڻ وزيرستان ۽ دير ۾ فتنه الخوارج جي ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم ڏهن دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر ڏکڻ وزيرستان جي اعظم ورسڪ علائقي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتين کي ساراهيندي چيو ته قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي ۽ دهشتگردي خلاف انهن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن چيو ته ڀارتي سرپرستي هيٺ ۾ سرگرم دهشتگرد عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي هر قيمت تي ناڪام بڻايو ويندو.