سائو جهنڊو هڪ قوم جي سڃاڻپ، ننڍن ٻارڙن جو پنهنجي ملڪ سان عهد وفا

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) جشن آزادي جو ڏينهن ويجهو ايندي ٻارڙن جو جوش جذبو ڏسڻ وٽان آهي ۽ هو به پنهنجي ملڪ سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن. تفصيل مطابق جشن آزادي جي حوالي سان ٻارڙن پنهنجي خصوصي آگاهي پيغام ۾ چيو ته قومي جهنڊو اسان سڀني تي رنگ، نسل، لباس ۽ علائقي جي فرق کانسواءِ هڪ جهڙي ڇائنو رکي ٿو. اسان جا رنگ ته الڳ …

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) جشن آزادي جو ڏينهن ويجهو ايندي ٻارڙن جو جوش جذبو ڏسڻ وٽان آهي ۽ هو به پنهنجي ملڪ سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن. تفصيل مطابق جشن آزادي جي حوالي سان ٻارڙن پنهنجي خصوصي آگاهي پيغام ۾ چيو ته قومي جهنڊو اسان سڀني تي رنگ، نسل، لباس ۽ علائقي جي فرق کانسواءِ هڪ جهڙي ڇائنو رکي ٿو. اسان جا رنگ ته الڳ الڳ آهن پر اسان جو جهنڊو هڪ آهي. ننڍڙن ٻارن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اسان جا لهجا مختلف آهن پر اسان جي دل جو ڌڙڪڻ هڪ آهي، اها پاڪ زمين هڪ تسبيح آهي ۽ اسان سڀ ان جا داڻا آهيون. هر ننڍڙي ٻار جو خواب مضبوط، خوشحال پاڪستان جي اميد پيدا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اڄ جا ٻار ئي سڀاڻي جي روشن مستقبل جو بنياد آهن. اهي معصوم آواز اهڙي پاڪستان جو عهد آهن جتي وطن سان لازوال محبت، ديانت ۽ ذميواري هر شهري جي سڃاڻپ بڻجي.

مزید خبریں