اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ ۾ نين ڪمپنين جي رجسٽريشن جو نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو آهي ۽ جولاءِ ۾ ايس اي سي پي ۾ 5438 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون آهن. سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جولاءِ 2026ع ۾ نين ڪمپنين جي رجسٽريشن جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. ان مهيني دوران ايس اي سي پي ۾ مجموعي طور تي 5438 …
ملڪ ۾ نين ڪمپنين جي رجسٽريشن جو رڪارڊ قائم ٿي ويو، 5438 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ ۾ نين ڪمپنين جي رجسٽريشن جو نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو آهي ۽ جولاءِ ۾ ايس اي سي پي ۾ 5438 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون آهن. سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جولاءِ 2026ع ۾ نين ڪمپنين جي رجسٽريشن جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. ان مهيني دوران ايس اي سي پي ۾ مجموعي طور تي 5438 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون جڏهن ته پنج بين الاقوامي ڪمپنين به پاڪستان ۾ پنهنجون آفيسون قائم ڪيون. ايس اي سي پي مطابق ملائيشيا، گڏيل عرب امارات ۽ چين سميت مختلف ملڪن جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ ڪاروبار لاءِ آيون. نين رجسٽرڊ ٿيل 112 ڪمپنين ۾ پرڏيهي ڊائريڪٽرز شامل آهن. رجسٽرڊ ٿيل ڪمپنين ۾ 3148 پرائيويٽلميٽڊ ڪمپنيون، 2117 سنگل ميمبر ڪمپنيون، 127 لميٽڊ لائبيلٽي پارٽنرشپس، 28 غير منافعي بخش تنظيمون ۽ 18 پبلڪ ڪمپنيون شامل آهن. ايس اي سي پي مطابق سڀني کان وڌيڪ 51 ڪمپنيون پنجاب ۾ رجسٽرڊ ٿيون. پنجاب ۾ رجسٽرڊ ٿيل ڪمپنين جو انگ 2756 آهي، اسلام آباد ۾ 1053، سنڌ ۾ 864، خيبرپختونخوا ۾ 180 ۽ بلوچستان ۾ 135 ڪمپنيون رڪسٽرڊ ٿيون. ايس اي سي پي مطابق انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون. آءِ ٽي سيڪٽر ۾ 1008 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون.











