اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور انداز ۾ پنهنجا فرض ادا ڪيا آهن ۽ فتنه الخوراج جي خاتمي لاءِ سندن مستقل مزاجي سان کنيل قدم تعريف جوڳا آهن. وفاقي وزير جو چوڻ هو …
ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشنز تي وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران سيڪيورٽي فورسز کي شاندار خراج تحسين پيش
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور انداز ۾ پنهنجا فرض ادا ڪيا آهن ۽ فتنه الخوراج جي خاتمي لاءِ سندن مستقل مزاجي سان کنيل قدم تعريف جوڳا آهن. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سڄي قوم دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ پنهنجي ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڀارت جي ناپاڪ سرگرمين جي سهولتڪارن جو پيڇو جاري رکيو ويندو. هن پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان ۽ اسان جي بهادر جوانن جو حامي ۽ ناصر رهي.










