اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) مسلم ڪمرشل بئنڪ (ايم سي بي) کي هلندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي دوران ٽيڪس جي ادائيگي کان اڳ 55.1 ارب روپين جو منافعو حاصل ٿيو. ايم سي بي جي مالياتي انگن اکرن مطابق 30 جون 2026ع دوران ايم سي بي جو ٽيڪس جي ادائيگي کانپوءِ منافعو 26.5 ارب روپيا رهيو آهي. جنوري کان جون 2026ع لاءِ مسلم ڪمرشل بئنڪ جي في شيئر …
مسلم ڪمرشل بئنڪ کي هلندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي دوران 55.1 ارب روپين جو منافعو حاصل ٿيو
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) مسلم ڪمرشل بئنڪ (ايم سي بي) کي هلندڙ سال جي پهرين ڇهه ماهي دوران ٽيڪس جي ادائيگي کان اڳ 55.1 ارب روپين جو منافعو حاصل ٿيو. ايم سي بي جي مالياتي انگن اکرن مطابق 30 جون 2026ع دوران ايم سي بي جو ٽيڪس جي ادائيگي کانپوءِ منافعو 26.5 ارب روپيا رهيو آهي. جنوري کان جون 2026ع لاءِ مسلم ڪمرشل بئنڪ جي في شيئر آمدني 22.34 روپيا رهي آهي. ايم سي بي جي مالياتي انگن اکرن مطابق مسلم ڪمرشل بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز پنهنجي حصي دارن لاءِ 7 روپيا يعني 90 سيڪڙو جي ٻئين وچ مدي واري ڪيش ڊيوڊنڊ جي منظوري ڏني آهي. رپورٽ مطابق 30 جون 2026ع تي ختم ٿيل ڇهه ماهي لاءِ بئنڪ جي مارڪ اپ آمدني 75.3 ارب روپيا رهي جڏهن ته 2026ع جي پهرين ڇهه ماهي ۾ مارڪ اپ آمدني 71.3 ارب روپيا رهي هئي. اهڙي طرح ايم سي بي جي غير مارڪ اپ آمدني به 17.5 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 18.7 ارب روپين تائين وڌي وئي.










